اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته سمورن ??ذهبن جي مذهبي ماڳن جي حفاظت اسان جو فرض آهي، اقليتون هتي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ آباد آهن نه صرف هندن پر ٻين مذهبن جي مقدس ماڳن جي سارسنڀال ۽ انهن جي واڌا ويجه لا??ِ ڪم ڪنداسين. اهڙو اظهار هن ڪٽاس راج مندر ۾ ٺاهيل رهائشي بلاڪس جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چڪوال ۾ ڪٽاس راج مندر ۾ هندو ياترين جي رهائشي بلاڪ جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته مذهبي سياحت کي هٿي ڏيڻ لا??ِ وڌيڪ قدم کنيا و??ند??، سمورن ??ذهبن جي مذهبي ماڳن جي حفاظت اسان جو فرض آهي. هن چيو ته اقليتون هتي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ آباد آهن، نه صرف هندن پر ٻين مذهبن جي مقدس ماڳن جي به سارسنڀال لا??ِ ڪم ڪنداسين. عالمي فورم تي انڊيا ۾ م??لم??نن تي ظلم خلاف آواز اُٿار??ند??سين. هن چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتون اسان جا پنهنجا ماڻهو آهن، اسان دنيا کي اقليتي برادريءَ جي حوالي سان سٺو پيغام ڏ??ند??سين. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ حج خرچ بنگلاديش، ڀارت ۽ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ وصول ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته اسان حج پيڪيج کي مهانگو نه ٿيڻ ڏنو، ڪٽاس راج چڪوال ۾ ٻن وڏن ڪارخانن سبب روڊ رستا زبون حاليءَ جو شڪار آهن، فيڪٽري مالڪن کي پابند ڪنداسين ته اهي روڊن جي مرمت ڪرائي??. چ??ڌري سالڪ حسين چيو ته ڪوشش ڪنداسين ته وڌ کان وڌ ياترين کي ويزائون ملن، پرڏيهي وزارت کي به چونداسين ته ويزائون جاري ڪرڻ ۾ رڪاوٽون دُور ڪري.