اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف صاف پا??ي ۽ پا??ي ذخيرن جي تحفظ جي حوالي سان رياض ۾ منعقد ون واٽر سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. سعودي عرب، فرانس، قازقستان ۽ عالمي بئنڪ جي حصيداري سان منعقد ون واٽر سربراهي اجلاس جو مقصد عالمي سطح تي عالمي تعاون ۽ اعليٰ سطحي سياسي عزم جي ذريعي پا??ي ذخيرن جي بهتر انتظام ۽ تحفظ کي حاصل ڪرڻ يقيني بڻائڻو آهي. وزيراعظم سربراهي اجلاس دوران صاف پا??ي جي ذخيرن جي بحالي، تحفظ ۽ ان حوالي سان جدت جي موضوع تي خطاب ڪندو. وزيراعظم پا??ي ذخيرن جي تحفظ، ماحولياتي تبديلي کان بچاءُ جي تياري، پيئڻ جي پا??ي جي معيار جي بهتري، روزگار جي فراهمي ۽ آبي حيات جي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن تي روشني وجهندو. وزيراعظم ماحولياتي تبديلي جي ڪري آيل ٻوڏن، موسمن ۾ بي وقت تبديلي ۽ وڌندڙ گرمي پد جي پا??ي ذخيرن ۽ آبي حيات تي اثرن تي ضابطو آڻڻ جي لاء?? عالمي تعاون جي اهميت تي روشني پڻ وجهندو. وزيراعظم عالمي برادري کي پا??ي وسيلن جي پائيدار ۽ بهتر انتظام جي لاءِ قدمن جي دعوت ڏيندو. ان موقعي تي وزيراعظم جون س??براهه اجلاس ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن س??ن ملاقاتون پڻ متوقع آهن. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.