لاهور – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ ال??ه تارڙ چيو آهي ته هڪ پارٽي مل?? ۾ انتشار ڦهلائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي، تحريڪ انصاف مل?? کي سياسي، سماجي ۽ سفارتي محاذ ۾ ناقابل تلافي نقصان پهچايو، حڪومتي ڪوششن سان ??ها??گائي ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي آهي، پي آءِ اي جو يورپي روٽ اوپن ٿيڻ سان مُلڪ کي فائدو ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ ال??ه تارڙ صوفي بزرگ حضرت ميان مير رحمت ال??ه عليه جي درٻار تي فاتحه خواني ڪئي ۽ مزار تي چادر چاڙهي. ان موقعي تي صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ ال??ه تارڙ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي حڪومت ڏينهن رات عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هڪ پارٽي مل?? ۾ انتشار ڦهلائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومتي ڪوششن سان ??ها??گائي ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي آهي، پي آءِ اي جو يورپي روٽ اوپن ٿيڻ سان نه رڳو عوام کي ريليف ملندو پر مل??ي خزاني کي پڻ فائدو ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف پاران مل?? کي سياسي، سماجي ۽ سفارتي محاذ ۾ ناقابل تلافي نقصان پهچايو ويو جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شر??ف ۽ سندس ٽيم مل?? کي ترقي طرف گامزن ڪرڻ جي لاءِ وڏي محنت سان ڪم ڪري رهي آهي ۽ انهن ڪوششن سان پاڪستان جلد ئي هر ميدان ۾ پنهنجو وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪري وٺندو.