اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) بيلاروس جو صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪ??ل ڪري پنهنجي وطن روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بيلاروس جي صدر کي الوداع ڪيو. دوري دوران ڪيترين ئي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون جن ??ان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن ۾ اضافو ٿيندو. بيلاروس جي صدر ??ان گڏ بيلاروس جون اهم ڪاروباري شخصيتون ۽ سيڙپڪارن جو وفد پڻ پاڪستان آيو جنهن پاڪستاني ڪ??روباري شخصيتن ??ان ڪامياب ۽ لاڀائتيُون ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم بيلاروس جي صدر کي سندس ٽن ڏينهن جي دوري جو فوٽو البم پڻ پيش ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ ان موقعي تي موجود هئا.