اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري قلات ۾ چيڪ پوس?? تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪندي دهشتگرد حملي ۾ بهادر جوانن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا سيل مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت چيو ته دهشتگرد عنصر ملڪ ۽ قوم جا دشمن، ترقي جي سفر کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا. صدر مملڪت چيو ته بلوچستا?? جو عوام دهشتگرد عنصرن کي رد ڪري ٿو، دهشتگردن کي بلوچستا?? جو امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. صدر مملڪت واقعي ۾ زخمين جي جلدي صحتيابي جي دعا ڪئي. صدر مملڪت شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ۽ صبر ل??ءِ دعا ڪئي.