اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف احتجاج جي لاءِ آيل مظاهرين جي هٿان پوليس اهلڪار جي ??هادت جي ??ديد لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ ملوث عنصرن جي فوري نشاندهي ڪري انهن کي سخت سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪئي آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ڪانسٽيبل مبشر شهيد جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ ان جي ??رجن جي ??لندي لاءِ دعا ڪئي. ??زي??اعظم واقعي ۾ ملوث عنصرن جي فوري نشاندهي ڪري انهن کي سخت سزا ڏيارڻ ۽ احتجاج دوران پٿراءُ ۽ تشدد جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ پوليس اهلڪارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ??زي??اعظم چيو ته نام نهاد پرامن احتجاج جي نالي تي پوليس اهلڪارن تي حملو مذمت جوڳو آهي، پوليس اهلڪار ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ ڊيوٽي تي مقرر آهن. ??زي??اعظم چيو ته 9 مئي تي ملڪ گير فساد برپا ڪندڙ هڪ ڀيرو ٻيهر پرتشدد ڪارروايون ڪ??ي رهيا آهن، 46 سالن جي ??هيد ڪانسٽيبل مبشر جي ننڍڙي عمر جي ٻارن جي ??نيا شرپسند عنصرن جي هٿان اجڙي وئي. ??زي??اعظم چيو ته جڏهن جڏهن ملڪ ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ لڳي ٿو، شرپسند عنصر سڄي ملڪ ?? جلاءُ گهيراءُ شروع ڪري ڇڏين ٿا، مون سميت پوري قوم ڪانسٽيبل مبشر شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. ??زي??اعظم چيو ته ڪانسٽيبل مبشر هڪ اهڙي گروهه جي هٿان شهيد ٿيو جيڪو ملڪي ترقي جو دشمن آهي، نام نهاد امن پسند احتجاجين جو پوليس اهلڪارن کي زخمي ۽ شهيد ڪرڻ جو عمل مذمت جوڳو آهي.