اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) ??يب??پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي وچ ۾ اهم ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ صوبائي حڪومت جي ڌيان نه ڏيڻ، معاشي ترق?? جي لاءِ وفاقي حڪومت جي قدمن، نوجوانن جي مثبت سرگرمين ۾ مشغوليت، صوبي ۾ دانش اسڪول جي قيام تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ ??يب??پختونخواهه ۾ سيڪيورٽ?? جي حوالي سان موجوده صورتحال، ان ۾ بهتر?? جي لاءِ قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي اڳواڻن ??يب??پختونخواهه ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ??يب??پختونخواهه جي گورنر ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير صوبي ۾ امن امان جي بحال?? جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو. ??يب??پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ان موقعي تي چيو ته ??يب??پختونخواهه ۾ نوجوانن کي انتشاري سياست کان پري رکڻ ۽ مثبت سرگرمين طرف راغب ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته وفاقي حڪومت ??يب??پختونخواهه ۾ سيڪيورٽ?? جي حوالي سان هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت صوبي ۾ دانش اسڪول جي قيام ۽ معياري تعليم جي فروغ جي حوالي سان قدم کڻي رهي آهي، ??يب??پختونخواهه ۾ امن امان جي بحالي وفاق جي ترجيحن ۾ شامل آهي، ??يب??پختونخواهه جي عوام اسان جا ڀائر آهن، انهن جي ڀلائي وفاق جي اولين ترجيح آهي، ??يب??پختونخواهه جي عوام کي انهن جي حق کان محروم نه ڪيو ويندو، صوبي ۾ ثقافتي سرگرمين کي فروغ ڏنو ويندو. ملاقات ۾ ڊيره اسماعيل خان ۾ ميڊيا حب بڻائڻ ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ??يب??پختونخواهه جي گورنر اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ماتحت ادارن ۾ ٿيندڙ جدت ۽ مثبت تبديلين کي خوش آئنده قرار ڏنو. ملاقات ۾ ??يب??پختونخواهه ۾ تعليمي ۽ ثقافتي سرگرمين جي فروغ بابت مختلف تجويزون پڻ بحث هيٺ آيون.