اسلام آباد-01 نومبر (اي پي پي) سعودي عر?? جي گاديءَ واري هنڌ رياض ۾ وفاقي وزيرن پاران سعودي عملدارن سان اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ پا??ست??ن ۽ سعودي عر?? وچ ۾ وڏي سيڙپڪاري جي روڊ ميپ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سعودي وفد جي هاڻوڪي پا??ست??ن جي دؤري ۽ وزيراعظم جو سعودي عر?? جي دؤري جي روشنيءَ ۾ گڏيل معاهدن کي عملي جامو پهرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. جاري ڪيل پريس رليز موجب سعودي عر?? جي سيڙپڪاري بابت وزير شيخ خالد بن عبدالعزيز الفالح سان اعليٰ سطحي وفد سان گڏ رياض ۾ پا??ست??ن مان دؤري تي ويل سيڙپڪاري بورڊ، نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ اعليٰ آفيسرن سان گڏ اجلاس منعقد ڪيو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن ۾ طئي ٿيل ايم او يوز ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جي معاهدن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو. سعودي وزير وفاقي وزيرن جي سعودي عر?? ۾ آجيان ڪندي چيو ته سندن هاڻوڪو دؤرو انتهائي خوشگوار، هاڪاري ۽ تعميري رهيو جنهن جي روشنيءَ ۾ ايندڙ اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو پيو وڃي. هن سيڙپڪاري بورڊ جي وفاقي وزير کي 25 ۽ 26 نومبر تي سعودي عر?? ۾ ٿيندڙ ايڪسپو ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندي پا??ست??ن ۾ سيڙپڪاري لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. سندس چوڻ هو ته پا??ست??ني معيشت ۽ واپار کي هٿي ڏيڻ ۾ ماضي وانگر آئينده به سعودي عر?? ڀرپور ڪردار ادا ڪندو ۽ جن شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ان ۾ سيڙپڪاري جي ڳاڻيٽي ۾ وڌيڪ واڌ ڪندو. پنهنجي ڳاله?? ٻولهه ۾ وفاقي وزير عبدالعليم سعودي عملدارن کي ٻُڌايو ته پا??ست??ن سيڙپڪاري لاءِ اهم شعبن جي ترجيحي فهرست مطابق عملدرآمد کي يقيني بڻائيندو ۽ سازگار ماحول جي فراهميءَ سان گڏوگڏ سعودي سيڙپڪارن کي غير ضروري ڪاررواين کان پاسو ۽ هر طرح جي سهولت جي فراهمي يقيني بڻائيندو. هن چيو ته اسان کي نين گهرجن موجب سيڙپڪاريءَ جي معاملن کي اڳيان وڌائي پاڪ- سعودي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو آهي، هڪ مهيني دوران سعودي عر?? جي وزير جي پا??ست??ن آمد ۽ ان کان فورن بعد پا??ست??ن جي وزيراعظم جو اُتان جو دؤرو ۽ وفاقي وزيرن جي موجودگي اسان جي مضبوط عزم جو اظهار آهي. ان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ سيڙپڪارن لاءِ سعودي عر?? ۽ وفاقي وزيرن وچ ۾ فالو اپ جاري رکڻ ۽ ڪم جي رفتار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو جڏهن ته وفاقي وزيرن، سعودي وزير ۽ سعودي عملدارن جو شڪريو ادا ڪندي انهن کي ٻنهي ملڪن لاءِ سٺو سنوڻ قرار ڏنو. اجلاس ۾ سعودي عر?? ۽ پا??ست??ن جي سيڙپڪاري واري وزارت جي سينيئر آفيسرن ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار جي نشاندهي ڪئي ۽ ان حوالي سان مختلف فني معاملن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان اهم فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کان پوءِ سيڙپڪاري عملي طور شروع ٿي ويندي.