اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف سان شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي مُختلف مُلڪن جي سربراهن مُلاقاتُون ڪيُون. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي تاجڪستان جي وز??را??ظم ڪُهر رسول زاده سان ٻطرفي ملاقات ٿي، ان ملاقات ۾ وز??را??ظم محمد شهباز شريف ايس سي او، سي ايڇ جي جي سالياني اجلاس ۾ تاجڪستان جي فعال ۽ تعميري شرڪت کي ساراهيندي چيو ته بطور ڀائر ملڪن ۽ علائقائي حصيدار، پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جو پائيدار رشتو آهي. وز??را??ظم هلندڙ سال جولاءِ ۾ دوشنبي جي پنهنجي نتيجاخيز دوري جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ ٻطرفي گڏيل لاڳاپن جي مثبت رخ طرف اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل مفاد جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ ويجهي ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. تاجڪ وز??را??ظم ڪُهر رسول زاده شنگهائي تعاون تنظيم جي چيئر جي حيثيت سان پاڪستان پاران اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي کيس مبار??با?? ڏني. هن تاجڪ وفد ۽ ٻين شريڪ وفدن جي شاندار استقبال ۽ شاندار مهمان نوازي تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. وز??را??ظم محمد شهباز شريف کي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچائيندي ڪوهر رسول زاده چيو ته تاجڪستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون جي وسيع صلاحيت موجود آهي جنهن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ تاجڪستان، پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. تاجڪ وز??را??ظم وز??را??ظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستان حڪومت جا تاجڪستان کي پاڪستان مان کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي فروغ ڏيندو. جڏهن ته وز??را??ظم محمد شهباز شريف سان بيلاروس جي وز??را??ظم رومان گولوف چينڪو پُڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ وز??را??ظم محمد شهباز شريف ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، زرعي مشينري، گڏيل طور تي ٽريڪٽرز جي تياري ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وز??را??ظم شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ بيلاروس جي شرڪت جي آجيان ڪندي بيلاروس کي ايس سي او جو مڪمل ميمبر بڻجڻ تي مبار??با?? ڏني ۽ ”شنگهائي اسپرٽ“ کي فروغ ڏيڻ ۾ بيلاروس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن سال جولاءِ جي شروع ۾ آستانه ۾ صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو سان پنهنجي لاڀائتي ملاقات جو ذڪر ڪندي وز??را??ظم چيو ته اعليٰ سطح جي باقاعده ملاقاتن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي هڪ مثبت رفتار فراهم ڪئي آهي جنهن کي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي. هن ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، زرعي مشينري، گڏيل طور تي ٽريڪٽرز جي تياري ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏ0نو. گولوف چينڪو ايس سي او سربراهه اجلاس جي ڪامياب انعقاد ۽ ان جي مثبت نتيجن تي پاڪستان کي دل جي گهراين سان مبار??با?? ڏني. هن پاڪستان ۾ شاندار ميزباني تي وز??را??ظم محمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيا. هن يقين ڏياريو ته بيلاروس شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن، اصولن ۽ ترجيحن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ۽ پاڪستان جي شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي چيئر جي حيثيت سان پاڪستان سان ڀرپور تعاون ڪندو. گولوف چينڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل ڪوششن جي ذريعي مفاد جي سمورن شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. جڏهن ته جمهوريه قزاخستان جي وز??را??ظم اولزاس بيڪ تينوف سان ملاقات ۾ وز??را??ظم شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ اجلاس ۾ قزاخستان جي شرڪت جي آجيان ڪندي شنگهائي تعاون تنظيم جي اصولن ۽ مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تنظيم جي سمورن ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان سلسلي ۾ وز??را??ظم هن سال جولاءِ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي اجلاس جي لاءِ آستانه جي دوري جو ذڪر ڪيو ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ قزاخستان جي تعاون ۽ ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وز??را??ظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۽ علائقائي رابطن ۽ سلامتي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وز??را??ظم ٻطرفي حصيداري جي اداراجاتي مڪينزم جي ذريعي باقاعده ۽ اعليٰ سطح جي رابطن کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وز??را??ظم زراعت ۽ واپار جي گڏيل روڪنگ گروپس جو اجلاس جلد گهرائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. قزاخستان جي وز??را??ظم پاڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي وز??را??ظم کي مبار??با?? ڏني ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه جي طور تي پاڪستان جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. هن علائقائي رابطن، واپار ۽ ترقي کي وڌائڻ جي لاءِ قزاخستان جي بطور شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ۽ ٻطرفي طور تي پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته قزاخستان پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ وڏي واپاري حصيدار جي طور تي ڏسي ٿو. ٻنهي ڌرين مستقبل ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. جڏهن قزاخستان جي وز??را??ظم سان مُلاقات جي حوالي سان وز??را??ظم محمد شهباز شريف ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته ملاقات دوران واپار، سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ، مواصلات، زراعت، دفاع، تعليم ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائڻ جي لاءِ سرڪاري وفدن جي مٽاسٽا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وز??را??ظم چيو ته هن قزاخستان جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني، پاڪستان ۽ قزاخستان جي لاڳاپن جي روشن مستقبل جي لاءِ پراعتماد آهيون. ان کانسواءِ وز??را??ظم محمد شهباز شريف سان ترڪمانستان جي وزيرن جي ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير راشد مريدوف پُڻ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وز??را??ظم ٻطرفي تعاون جي مڪمل صلاحيت خاص طور تي واپار، توانائي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ ترڪمانستان جي خاص مهمان طور شرڪت جي آجيان ڪندي وز??را??ظم محمد شهباز شريف ترڪمانستان سان پاڪستان جي پراڻي، تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. ترڪمانستان جي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي وز??را??ظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ڌرين پاران ٻطرفي تعاون جي مڪمل صلاحيت خاص طور تي واپار، توانائي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. راشد مريدوف شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پاڪستان کي مبار??با?? ڏني ۽ ترڪمانستان جي قيادت پاران وز??را??ظم محمد شهباز شريف کي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. هن پاڪستان ترڪمانستان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ ويجها بڻائڻ جي لاءِ ترڪمانستان جي مستقل عزم جو ورجاءُ ڪيو. جڏهن ته وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موُجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف جمهوريه ڪرغزستان سان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي واپار، سيڙپڪاري، عوامي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ وز??را??ظم شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ جمهوريه ڪرغزستان جي شرڪت تي ٿورا مڃيا ۽ ايس سي او جي موجوده سربراهه جي حيثيت سان ڪرغزستان پاران پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو. وز??را??ظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وز??را??ظم جمهوريه ڪرغزستان سان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ واپار، سيڙپڪاري، عوامي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. زاپاروف اڪيل بيڪ پاڪستان پاران شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي وز??را??ظم محمد شهباز شريف کي مبار??با?? ڏني ۽ گڏ ئي دوري تي آيل وفدن جي شاندار استقبال، بهترين انتظامن ۽ شاندار مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا. هن ڪرغزستان جي پاڪستان تعاون جاري رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهبو. جڏهن ته وز??را??ظم محمد شهباز شريف ترڪمانستان جي وزيرن جي ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير راشد مريدوف سان شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي 23هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات کي لاڀائتو قرار ڏنو، ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وز??را??ظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ترڪمانستان سان واپار، توانائي ۽ مواصلات سميت علائقائي تعاون وڌائڻ ۽ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، جڏهن ان کانسواءِ وز??را??ظم محمد شهباز شريف سان جمهوريه ڪرغزستان جي وزيرن جي ڪابينا جي چيئرمين زاپاروف اڪيل بيڪ پُڻ ملاقات ڪئي، وز??را??ظم ايس سي او سي ايڇ جي جي 23هين اجلاس جي ڪاميابي ۾ تعاون تي ڪرغزستان جا ٿورا مڃيا. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وز??را??ظم ٻنهي مُلڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.