اسلام آباد -15 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آ??ي، ته گوادر ايئرپورٽ ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ٻئي مرحلي سان ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت چين جي مدد سان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جو ٻيو مرحلو شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي. هن چيو ته ويجهي مستقبل ۾ چين جي مدد سان پنج اقتصادي لنگهن جي شروعات ڪئي پئي وڃي. احسن اقبال چيو ته بلوچستان جي عوام لاءِ ??ار??باري موقعن ۾ اضافي لاءِ مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن. علائقائي رابطن ۾ ايس سي او جي ڪردار تي تبصرو ڪندي هن چيو ته ريلوي لائين ۽ روڊن جي تعمير سان وچ ايشيائي ??يا??تن سان ??اپ??ري لاڳاپا مضبوط ٿيندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خطي ۾ معاشي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گوادر ۽ عمان وچ ۾ سامونڊي رستا بحال ڪري سگهجن ٿا، ان قسم جي بنيادي ڍانچي جي ترقي خطي ۾ ??اپ??ري رستن کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، جنهن سان شين جي چرپر ۽ ??اپ??ري مٽاسٽا کي هٿي ملندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خطي ۾ معاشي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گوادر ۽ عمان وچ ۾ سامونڊي رستا بحال ڪرڻ هڪ اهم قدم ٿي سگهي ٿو. ان سان نه رڳو پاڪستان ۽ عمان وچ ۾ ??اپ??ري رابطن ۾ بهتري ايندي پر هي پوري خطي لاءِ هڪ اهم ??اپ??ري لنگهه طور به ڪم ڪندو، جيڪو وچ ايشيائي ملڪن کي عربي سمنڊ ذريعي عالمي منڊين تائين پُهچ فراهم ڪري سگهي ٿو.