اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ناليواري اسلامي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته اسلام امن جو دين آهي ۽ ذاڪر نائيڪ اسلام جو صحيح پيغام ماڻهن تا??ين پهچائي هڪ انتهائي اهم فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پ??ڪس??ان اچڻ تي ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي آجيان ڪندي چيو ته مسلمان امت توهان تي ناز ڪري ٿي ته توهان سڄي دنيا کي اسلام جي صحيح تشخص کان روشناس ڪرايو، اها ڳالهه انتهائي خوش آئنده آهي ته توهان جي ٻڌندڙن ۾ هڪ وڏو انگ نوجوانن جو آهي. وزيراعظم چيو ته آئون توهان جا ليڪچرز تمام گهڻي شوق سان ٻڌندو آهي جيڪي تمام گهڻا ڄاڻ ۽ تا??ير سان ڀرپُور هوندا آهن. وزيراعظم چيو ته مون کي اهو ڄاڻي انتهائي خوشي ٿي ته توهان جو پٽ به توهان جي نقش قدم تي هلي رهيو آهي ۽ دين اسلام جي خدمت ڪري رهيو آهي. وزيراعظم 2006ع ۾ ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ سان پنهنجي پهرين ملاقات جو به ذڪر ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ چيو ته م??ن 1991ع ۾ پ??ڪس??ان جو پهريون دورو ڪيو هو ۽ اڃا تا??ين ان جي ياد تا??ي آهي. ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ چيو ته پ??ڪس??ان دنيا جو واحد ملڪ آهي جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو، اسلام هڪ مڪمل ضابطه حيات آهي جيڪو اسان کي هر معاملي ۾ رهنمائي فراهم ڪري ٿ??. و??يراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان اسلام جي رستي تي هلنداسين ته ڪامياب ٿينداسين، منهنجو اهو ئي مشن آهي ته سڄي دنيا ۾ اسلام جو پيغام عام ڪريان. ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته هو اسلام آباد کانسواءِ ڪراچي ۽ لاهور ۾ پڻ ليڪچرز ڏيند??. و??يراعظم شهباز شريف ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ چيو ته اڄ منهنجي پ??ڪس??ان اچڻ جي خواهش پوري ٿي جنهن تي تمام گهڻي خوشي آهي، پ??ڪس??ان دنيا جي نقشي تي واحد ملڪ آهي جيڪو اسلام جي نالي تي وجود ۾ آيو، پ??ڪس??ان جي عوام جو اسلام سان گهرو لڳاءُ آهي، اڄ الله منهنجي خواهش پوري ڪئي ۽ آئون پ??ڪس??ان جي پهرين سرڪاري دوري تي آيو آهيان، ان تي آئون پ??ڪس??ان جي حڪومت جو ٿورائتو آهيان جنهن گهرايو. هن چيو ته پ??ڪس??ان جو هڪ خصوصي درجو آهي، پ??ڪس??ان جي مختلف شهرن جو دورو ڪندس، عالمن سان ملاقاتون ٿينديون ۽ پبلڪ ليڪچر ڏيندس.