اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪ??تا?? جي حڪومت معاشي سڌارن ذريعي ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، جن ۾ نجي شعبي جي حصيداري، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي، پرڏيهي متا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ۽ روپئي جي قدر ۾ بهتري شامل آهن، اهي قدم نه رڳو معاشي استحڪام جي راهه هموار ڪري رهيا آهن پر عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ اهم آهن. اهڙو اظهار هن ڪالهه خميس ڏينهن پاڪ??تا?? سعودي عرب بزنس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي ه??ي ڏيڻ جي حوالي سان اهم آهي. وزيراعظم محمد شهباز شر??ف جي قيادت ۾ پاڪ??تا??ي معيشت جي استحڪام جون ڪوششون جاري آهن، جيڪي ملڪي ترقي لاءِ هڪ مثبت اشارو آهن. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت جو ڪردار ڪاروبار ڪرڻ ناهي پر نجي شعبي کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. هن بزنس ٽو بزنس ماڊل ذريعي واپار ۽ سيڙپڪاري کي ه??ي ڏيڻ لاءِ سعودي عرب جي نمائندن جي آجيان ڪئي. وفاقي وزير گذريل 14-12 مهينن ۾ معاشي استحڪام ۾ نمايان اڳڀرائي جو حوالو ڏنو. پاڪ??تا?? بنيادي سرپلس حاصل ڪيو، پنهنجي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي هڪ بلين ڊالرن کان گهٽ ڪري ڇڏيو، پنهنجي ڪرنسي کي مستحڪم ڪيو ۽ ٻن مهينن جي امپورٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ڪيو. وفاقي وزير چيو ته انهن فائدن کي هلندڙ مالي سال مٽاسٽا جي ناڻي، روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ناڻي واڌ ۾ 38 سيڪڙو کان 6.9 سيڪڙو تائين جي گهٽتائي سان مضبوط ڪيو ويو آهي. پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان ڪاروباري برادري کي به فائدو ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? جي ڪريڊٽ ريٽنگ کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي تنهن هون??ي به گهٽ ۾ گهٽ شرح حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪجهه ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسلام آباد اسٽاڪ ايڪسچينج رڪارڊ بلندي تي پهچي وئي ۽ آءِ ايم ا??ف جي بورڊ ملڪ لاءِ توسيعي پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي. هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام ۾ ميڪرو اڪنامڪ ۾ استحڪام آڻڻ ۽ ٻيو ڍانچاجاتي سڌارا لاڳو ڪرڻ شامل آهي. هن ساختي سڌارن، پائيدار ترقي ۽ ٽيڪس سڌارن کي ه??ي ڏيڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاڪ??تا?? سيڙپڪاري جي حوالي سان مثبت ۽ حوصلي وارو آهي. هن ڪاورباري موقعن کي اجاگر ڪيو ۽ عالمي سيڙپڪارن کي پاڪ??تا?? ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته پاڪ??تا?? عالمي اقتصادي منظرنامي ۾ هڪ پرڪشش مقام طور اڀري رهيو آهي. هن چيو ته حڪومت جو مقصد نجي شعبي جي صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ معيشت جي ترقي ۾ ان جي ڪردار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آهي.