اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري ۽ نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آھي ته پاڪستان، سعودي عرب بزنس فورم ذريعي ٻنھي ملڪن وچ ۾ مضبوط اقتصادي سھڪار سان پاڪستان جي معيشت تيزي سان ترقي ڪندي ۽ معاشي استحڪام سان گڏو گڏ عوامي فلاح ۽ بھبود جي موقعن ۾ به اضافو ٿيندو. پاڪستان سعودي عرب بزنس فورم جھڙا پليٽ فارمز ٻنھي ملڪن وچ ۾ اقتصادي سھڪار کي ھٿي وٺرائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن??ا. ??عودي عرب جي ??يڙپڪارن کي پاڪستان ۾ توانائي، زراعت، بنيادي ڍانچي ۽ ٽيڪنالاجي ??ميت مختلف شعبن ۾ موقعا موجود آھن، ان قسم جي فورمز سان ٻنھي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ناتن کي ھٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستان جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. انھن خيالن جو اظھار ھن گذريل ڏينھن پاڪستان سعودي عرب بزنس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. ان فورم جو مقصد ٻنھي ملڪن وچ ۾ و??پا??ي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي بھتر بڻائڻ آھي ته جيئن پاڪستان جي معيشت تيزي سان ترقي ڪري. ھن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وڌيڪ موقعا موجود آھن ۽ انھن موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ سعودي حڪومت ۽ و??پا??ي برادري جي مدد ڪنداسين. ھن چيو ته مشڪل حالتن ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي حڪومت جا شڪرگذار آھيون. وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني حڪومت ادارن ۾ جيڪي پاليسي سڌارا آندا آھن اھي سعودي عرب جي ??يڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڏانھن آڻين??ا. ??ن سڌارن جو مقصد ڪاروباري ماحول کي بھتر بڻائڻ، سيڙپڪارن کي سھولتون فراھم ڪرڻ ?? پرڏيھي سيڙپڪاري کي ھٿي ڏيڻ آھي. ھن چيو ته بھتر پاليسين جي نتيجي ۾ سعودي عرب جي ??يڙڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا وڌيڪ پرڪشش لڳندا جنھن سان ٻه طرفا و??پا??ي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪ?? ٿيندا. ھن چيو ته پاڪستاني حڪومت تازو ئي جيڪي پاليسي سڌارا آندا آھن، انھن جو مقصد سيڙپڪاري جي ماحول کي بھتر بڻائڻ ?? پرڏيھي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ ڪاروبار لاءِ وڌيڪ آسانيون فراھم ڪرڻ آھي، حڪومت آءِ ٽي ۽ ڊجيٽل معيشت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ ڪيتريون نيون پاليسيون متعارف ڪرايون آھن، جن جو مقصد شعبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي ملڪ ۾ آڻڻ آھي، اھي سڌارا سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان ۾ پرڪشش حيثيت رکن ٿا ۽ سعودي سيڙپڪار انھن پاليسين مان ڀرپور نموني فائدو کڻي سگھن ٿا. ھن چيو ته پاڪستان سعودي عرب بزنس فور جھڙا پليٽ فارمز پاڪستان جي معيشت لاءِ تمام اھم آھن ۽ ان سان معاشي ترقي جي ??فتار تيز ٿي سگھي ٿي. اھڙا فورمز ٻنھي ملڪن وچ ۾ ڪاروباري موقعن کي وڌائڻ ۽ ٻه طرفي اقتصادي سھڪار کي ھٿي وٺرائڻ جا موقعا فراھم ڪن ٿا.