اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت جي منظوري کا??پوءِ ئ?? نئين ڊزائين وارن بئنڪ ??وٽن جي سيريز جي ڇپائي جو عمل شروع ڪيو ويندو. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ ??لندڙ سال جنوري ۾ نون بئنڪ ??وٽن جي سيريز جي موضوعاتي ڊزائين ۽ آئيڊياز لاءِ آرٽ جي مقابلي جي اع??ان سان گڏ بئنڪ جي نون نوٽن جي سيريز جي ڊزائيننگ جو عمل شروع ڪيو هو، آرٽ مقابلي جو مقصد مقامي فنڪارن جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي لاڳو بهترين ضابطه عمل موجب ڊزائين جي تياري جي عمل ۾ عوام کي شامل ڪرڻ هو. مقامي فنڪارن طرفان جمع ڪرايل ڊزائينن جو جائزو معزز ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي ورتو ۽ ان مقابلي جي فاتح انٽريز جو اع??ان 5 سيپٽمبر تي ڪيو ويو. آرٽ جي مقابلي جي انهن نتيجن جي اع??ان کي ميڊيا ۽ ڪجهه عوامي حلقن طرفان نون بئنڪ ??وٽن جي سيريز جي ڊزائينن جي شارٽ لسٽنگ طور تي تعبير ڪيو ويو، تنهن هوندي به آرٽ مقابلي جي نتيجن جو اع??ان ڪرڻ جو مقصد رڳو فنڪارن جي ڪوششن کي ساراهڻ ۽ انعامن سان نوازي انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ هو. تجويز ڪيل نئين سيريز جي حتمي ڊزائين چٽاڀيٽي جي عمل ذريعي چونڊيل مشهور عالمي ڪمپنين طرفان ڊزائين ڪئي پئي وڃي. اهي ڪمپنيون هلندڙ سال ڊسمبر تائين نئين ڊزائين لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪنديون ۽ اسٽيٽ بئنڪ بورڊ طرفان منظور ڪيل ڊزائيون جنوري 2025ع تائين حتمي منظوري لاءِ وفاقي حڪومت کي پيش ڪيون وينديون. اسٽيٽ بئنڪ ??فاقي حڪومت جي منظوري کا??پوءِ ئ?? نئين ڊزائين جي بئنڪ ??وٽن جي سيريز جي ڇپائي جو عمل شروع ڪندي.