اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائي جي شرح ۽ قومي شماريات کاتي جي انگن اکرن مطابق مهانگائي م گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته جولاءِ 2024ع ۾ ڪنزيومر پرائيس انڊيڪس ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي ۽ ناڻي واڌ جي شرح 11 سيڪڙو تي اچي وئي. حڪومت معاشي سڌارن جي پالي??ي تي گامزن آهي، حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ پاليسي جا معيشت تي هاڪاري اثر جلد پوندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم چيو ته معاشي ماهرن طرفان سيپٽمبر مهيني ۾ ناڻي واڌ جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اڳڪٿي سٺو سنئوڻ آهي. فچ کانپوءِ تازو ئي عالمي ريٽنگ ايجنسي موڊيز طرفان پاڪس??ان جي ڪريڊٽ ريٽنگ کي اپگريڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو عالمي مالياتي ادارن طرفان پاڪس??ان جي هاڪاري معاشي انگن اکرن جو اعتراف آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت معاشي سڌارن جي پالي??ي تي گامزن آهي، حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ پالي??ي تي به تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي، جنهن جي نگراني مان پاڻ ڪري رهيو آهيان، ان جا معيشت تي هاڪاري اثر جلد نمايان ٿيندا. هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ پن??اب حڪومت طرفان بجلي صارفين کي بل جي مد ۾ هڪ وڏو رليف ڏنو ??يو. وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. اسان جي حڪومت سمورا فائدا عام ماڻهو تائين منتقل ڪرڻ تي يقين رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته حڪومتي معاشي ۽ مالياتي ٽيم جي محنت سان معيشت استحڪام طرف وڌي رهي آهي، عوام جي ڏکيائين جو احساس آهي، حڪومت عوام جي ڏکيائين ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي.