رحيم يار خان-23 آگسٽ (اي پي پي) ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، شهيد پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز صادق شهيد پوليس لائينز ۾ ادا ڪئي وئي. پوليس جي ش??يد اهلڪارن جي جنازي نماز ۾ گهرو معاملن واري وفاقي وزير، آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور، گهرو سيڪريٽري پنجاب نور الامين منيگل شرڪت ڪئي. جنازي نماز ۾ فوج جي سينئر آفيسرن، جوانن، عوام ۽ شهيدن جي رشتيدارن به وڏي انگ ۾ ش??ڪت ڪئي. ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ 12 پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته 8زخمي ٿيا آهن، شهيد پوليس اهلڪارن ۾ اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ 3 جوان به شامل هئا، پوليس جي چست جٿي ش??يدن کي سلامي ڏني، جنازي نماز جي ادائيگي کانپوءِ شهيدن جا مڙهه سندن اباڻن علائقن ڏانهن ??وا??ا ڪيا ويا. شهيدن کي اباڻن علائقن ۾ مڪمل اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. گهرو وزير محسن نقوي ش??خ زيد اسپتال ۾ علاج هيٺ پوليس جوانن جي طبيعت پڇي. گهرو وزير محسن نقوي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيدن جون عظيم قربانيون ڪنهن به صورت ۾ رائيگان نه وينديون، وفاقي حڪومت ڪچي جي ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ پنجاب حڪومت کي مڪمل مدد فراهم ڪندي. پوليس جوانن جي ش??ادت پاڪستان لاءِ سانحو آهي، ان مڪروه فعل ۾ ملو?? ڌرين کي عبرت جو نشانو بڻائينداسين. هن چيو ته شهيد پوليس اهلڪارن کي اعليٰ اعزازن سان نوازڻ جي سفارش ڪئي ويندي.