اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي س??ڪريٽريٽ پارليامينٽ هائوس ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ سي ڊي اي جي اليڪٽرڪ شعبي جي پنج ملازمن کي پاڻمرادو بتيون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪر?? تي لاڳاپيل عملدارن کي انهن جي بدلي يا معطلي جي س??ارش ڪئي آهي. قومي اسيمبلي س??ڪريٽريٽ مان جاري نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته 9 سيپٽمبر جي رات بتيون وسائڻ جو قدم کڻ?? تي اليڪٽريشن مظفر حسين، اليڪٽريشن ظهير عباس، جنريٽر آپريٽر ذوالفقار علي، فائر الارم رضا علي ۽ فائر الارم ارشد کوکر کي لاڳاپيل عملدار پارليامينٽ هائوس مان بدلي يا کين معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪن.