اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جيولين ٿ??و ارشد نديم کي پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ارشد نديم پنهنجي محنت، لگن ۽ صلاحيت مان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستاني رانديگر ڪنهن کان گهٽ نه آهن. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ت?? پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽي ارشد نديم تاريخ لکي ڇڏي آهي، ??ندس ڪاميابي هر پاڪستاني نوجوان جي لاءِ مشعل راهه آهي جنهن ??ان نوجوانن کي راندين جي دنيا ۾ اڳتي وڌڻ جي ترغيب ملندي. وفاقي وزير چيو ته ارشد نديم جي فتح پوري قوم جي فتح آهي، ??وهان کي منهنجي پاران لکين مبارڪون هجن.