اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ طلال چوڌري ??يو آهي ته تحريڪ انصاف ڪور ڪمانڊر هائوس، فوجي ٺڪاڻن، حساس عمارتن ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي، 9 مئي سانحي جي ڏوهه جو اعتراف ڪندڙ ها??ي ثبوت گهري رهيو آهي. پي ٽي آءِ باني جي مشروط معافي جي حوالي سان بيان تي رد عمل ۾ هن چيو ته 9 مئي تي ڪور ڪمانڊر هائوس جي ٻاهران پي ٽي آءِ چيئرمين جون ٽيئي ڀينرون، ڀاڻيجا ۽ پارٽي اڳواڻ موجود هئا، سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڪور ڪمانڊر هائوس ٻاهران اڳواڻ ڏسي سگهجن ٿا، انهن جي پارٽي جي ماڻهن چيو ته خان نه ته پاڪستان نه، ان جي سياست سدائين ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏيڻ تي ٻڌل رهي آهي. طلال چوڌري ??يو ته هُنن پي ٽي وي تي حملو ڪيو، پارليامينٽ جو دروازو ٽوڙيو، اهي ڪڏهن ڳ??ي مان جهليندا آهن ته ڪڏهن پيرين پوندا آهن، هن پي ٽي آءِ باني کي مخاطب ٿيندي چيو ته هاڻي ڪا مشروط معافي ناهي، ڏوهارين کي سزا ملندي.