اسلام آ??اد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٽيلي ڪميونيڪشن جي شعبي جي ترقي ۽ واڌويجهه جي لا??ِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ڏورانهن علائقن ۾ تيز تر موبائيل انٽرنيٽ جي فراهمي جي لا??ِ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ميمبر بورڊ آف ڊائريڪٽرز وي آن گ??وپ سر برينڊن ليوس جي قيادت ۾ وي آن گ??وپ/ جيز جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم اسلام آ??اد ۾ منعقد ٿيندڙ ڊيجيٽل نيشنل سمٽ ۾ شرڪت ڪندڙ وي آن گ??وپ جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ٽيلي ڪميونيڪشن جي شعبي جي ترقي ۽ واڌويجهه جي لا??ِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ تيز تر موبائيل انٽرنيٽ جي فراهمي جي لا??ِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته وي آن / جيز گروپ پاڪستاني معيشت ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان ۾ ٽيلي ڪميونيڪشن جي شعبي ۽ رابطا وڌائڻ ۾ وي آن/ جيز گروپ جو ڪردار انتهائي اهم رهيو آهي. وفد ڊيجيٽل پاڪستان انيشي ايٽو ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفد پاڪستاني معيشت کي ڪيس ليس بڻائڻ ۽ ڊيجيٽائيز ڪرڻ جي وزيراعظم جي ويزن کي ساراهيو. ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.