اسلام آباد -29 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي و??ري وفاقي و??ير سينيٽر محمد اورنگزيب، وزيراعظم يوٿ بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون اسڪيم کي ساراهيندي چيو آهي، ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار کي معاونت فراهم ڪرڻ جي حوالي سان هي هڪ اهم پروگرام آهي. اهڙو اظهار هن وزيراعظم يوٿ پروگرا?? جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. راڻا مشهود احمد خان ناڻي و??ري وفاقي و??ير کي پروگرا?? جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ چيو ته نوجوانن ۾ ڪاروبار کي هٿي وٺائڻ ۽ انهن کي آسان واپاري قرض فراهم ڪرڻ جي حوالي سان هي اسڪيم اهميت رکي ٿي. هن چيو ته اسڪيم تحت نوجوانن کي وياج جي گهٽ شرح تي ڪمرشل اسلامڪ ۽ ايس ايم اي بئڪن ذريعي آسان قرض ڏنا پيا وڃن. ملاقات ۾ اسڪي?? جي موجوده ساک، آپريشن معاملن ۽ لاجسٽڪ سميت ٻين اهم معاملن کي شامل ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي و??ي. ناڻي و??ري و??ير اسڪيم کي ساراهيندي چيو ته ملڪ جي مجموعي اقتصادي اوسر ۾ اهڙي طرح جون سرگرميون اهميت رکن ٿيون. ملاقات ۾ نوجوانن ک?? موقعا فراهم ڪرڻ ۽ پائيدار ڪاروبار جي قيا?? جي حوالي سان قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو وي??.