اسلام آباد -10 جولاءِ (اي پ?? پي) گهرو معاملن بابت وفاقي و??ير محسن نقوي چيو آهي، ته چيني شهرين جي حفاظت تي ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي وي??دي. جڏهن ته لاڳاپيل ادارا گڏيل سهڪار سان نون ايس او پيز تي 100 سيڪڙو عملدرآمد کي يقيني بڻائين. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيني شهرين جي سيڪيورٽي بابت ڪور ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري، سيڪريٽري دف??ع، انچارج نيشنل ڪو آرڊينيٽر نيڪٽا، ڪو آرڊينيٽر نيشنل ايڪشن پلان ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اع??يٰ عملدارن شرڪت ڪئي. جڏهن ته صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جي پ??ليس ۽ گهرو سيڪريٽريز ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ چيني شهرين جي سيڪيورٽي جو تفصيلي جائزو ورتو وي??. اجلاس کي خطاب ڪندي گهرو و??ير چيو ته چيني شهرين جي حفاظت لاءِ ڪا به ڪوتائي برداشت نه ڪئي وي??دي. چيني شهرين بابت سيڪيورٽي آڊٽ کي مقرر ٽائين لائين اندر يقيني بڻايو وڃي ۽ لاڳاپيل ادارا گڏيل سهڪار سان نون ايس او پيز تي 100 سيڪڙو کي يقيني بڻائين. اجلاس دوران گهرو و??ير کي چيني شهرين جي حفاظت جي سلسلي ۾ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو وي??.