اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي جمهوريه ايران جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مس??ود پيز شڪيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ص??ارتي چونڊن ۾ ڪا??يابي تي کيس دلي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو ??ظهار ڪيو ۽ جمهوري عمل جي ذريعي نئين صدر جي چونڊ تي کيس ۽ ايران جي ڀائر عوام کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ڀائر پاڙيسري ملڪن جي حيثيت سان پاڪستان ۽ ايران گڏيل تاريخ، مذهب، ثقافت ۽ روايتن جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن. ايران جي نئين چونڊيل صدر جي ڪا??يابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو ??ظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مس??حڪم ڪرڻ ۽ واپار، توانائي ۽ علائقائي سلامتي سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي. ان حوالي سان وزيراعظم چيو ته اپريل 2024ع ۾ مرحوم صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي تاريخي دوري دوران ٻنهي ملڪن پاران گڏيل طور تي ڪيل فيصلن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڀائتي تعاون تي ٻڌل حصيداري جو هڪ بهترين بنياد رکيو هو. ايران جي نئين چونڊيل صدر پيز شڪيان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ??ظهار ڪندي مبارڪباد تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن علائقائي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ويجهي رابطي ۽ مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. اها ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ دوستي ۽ ڀائيچاري جي مضبوط رشتن ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي فروغ جي لاءِ ان جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.