شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??اڪ??تان تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سان مالامال آهي، ??اڪ??تان ۾ تاريخي ۽ ثقافتي جاين جي بحالي کانپوءِ انهن کي سياحتي جاين ۾ تبديل ڪنداسين، چيني حڪومت جي تاريخي ??رثي جي حفاظت ۽ بحالي قابل تقليد آهي، چين پنهنجي محنت سان دنيا جي هر شعبي ۾ پاڻ کي مڃرايو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيرا??وٽ?? واريئر ميوزيم جي دوري جي موقعي تي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي دوري جي موقعي تي شي – آن ۾ ??اڪ??تاني وفد سان گڏ چين جي تاريخي ??رثي ٽيرا??وٽ?? واريئر ميوزيم جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب گذريل ڏينهن چيني صدر شي جن پنگ وزيراعظم کي پنهنجي اباڻي شهر شي – ان ۾ ٽيرا??وٽ?? واريئر ميوزيم جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي. دوري دوران وزيراعظم ۽ ??اڪ??تاني وفد کي تاريخي ??رثي جي تحفظ ۽ بحالي ۽ سياحت جي فروغ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ميوزيم جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ قديم چيني تاريخي ??رثي جي خوبصورتي ۽ چيني هنر کي ساراهيو ۽ چيو ته عظيم قومون چين وانگر پنهنجي تاريخي ??رثي جي حفاظت ڪن ٿيون. هن چيو ته ٻه سئو قبل مسيح جي چيني ڪاريگرن جو هنر ساراهه جوڳو آهي، چيني حڪومت جي ان تاريخي ??رثي جي حفاظت ۽ بحالي قابل تقليد آهي، چين پنهنجي محنت سان دنيا جي هر شعبي ۾ پاڻ کي مڃرايو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته چيني صدر شي جن پنگ جي ان ميوزيم جي دوري جي دعوت تي ??ما?? گهڻو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته ??اڪ??تان تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سان مالامال آهي، ??اڪ??تان ۾ به اهڙي تاريخي جاين جي بحالي کانپوءِ انهن کي سياحتي جاين ۾ تبديل ڪنداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ٽيرا??وٽ?? واريئر ميوزيم جي دوري جي موقعي تي وفاقي وزير خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس خان لغاري ۽ راڻا تنوير حسين پڻ ساڻس گڏ هئا.