اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت، سمورن وفاقي سرڪاري ادارن ۽ لاڳاپيل عملدارن کي حڪومت جي سموري ڪارروائي کي اليڪٽرانڪ – آفيس (اي آفيس) تي منتقل ڪرڻ جو هدف ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ سرڪاري آفيسن ۽ ادارن ۾ اي آفيس لاڳو ڪرڻ بابت جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزي شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجل??س کي اي آفيس جي نظام، ان تي عملدرآمد ۽ سڌارن تي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت، سمورن وفاقي سرڪاري ادارن ۽ لاڳاپيل عملدارن کي اي آفيس ۾ سڌارن ۽ ان تي جلد عملدرآمد جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم سموري حڪومتي ڪارروائي کي ڪاغذي فائيلن کان اي آفيس تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ جلد هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم پڇيو ته 20 سال اڳ اي آفيس تي ڪم شروع ٿيو، ايتري عرصي ۾ ان تي مثبت اڳڀرائي ڇو نه ٿي. وزيراعظم اهو به پڇيو ته سڄي دنيا ۾ اي آفيس تي ڪم ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ ان منصوبي جي راهه ۾ ڇو رڪاوٽو?? پيدا ڪيون ويون. وزيراعظم ??يو ته اي آفيس تي منتقلي سان نظام ۾ شفافيت پيدا ٿيندي، ملڪي خزاني جا اربين رپيا بچائي سگهبا. اڄ جيڪڏهن رڳو سرڪاري خريداري ۾ ئي اي آفيس لاڳو ٿي چڪو هجي ها ته هيستائين ملڪي خزاني جا اربين رپيا بچائي سگهجيا پئي. هن چيو ته اهڙن م??ڻهن جي نشاندهي ڪئي وڃي جن ڄاڻي واڻي اي آفيس جي نظام کي سستي جو شڪار رکيو. اي آفيس جي استعمال کي آسان ۽ جديد ۽ محفوظ بڻايو وڃي. اي آفيس نظام جي تياري ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ عالمي سطح تي لاڳو مثالن کان م??د ورتي وڃي. وزيراعظم ??يو ته اي آفيس جي نئين سر تياري جي لاءِ عالمي شهرت يافته ماهرن ج?? مدد ورتي وڃي. اي آفيس سان لاڳاپيل اسٽاف جي ميرٽ تي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ غيرضروري، غيرلاڳاپيل ۽ مسلسل ناقص ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ماڻهن کي نوڪري تان فارغ ڪيو وڃي.