اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف ??لي زرداري سان ترڪيه جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر سيلڪوڪ بيراڪتار اوغلو ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ڀائر م??ڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن پاڪستان ۽ ترڪيه جي گڏيل مفاد ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. صدر آصف ??لي زرداري چيو ته پاڪستان ترڪيه سان پنهنجي لاڳاپن تي فخر ڪري ٿو، ترڪيه سدائين بنيادي معاملن تي پاڪستان جي حمايت ڪئي. صدر پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڪيترن ئي منصوبن تي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صدر پاڪستان ۽ ترڪيه جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ عوامي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ترڪيه سان زراعت، تعليم، فن ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻو پوندو، صدر رجب طيب اردوان پاڪستان جو سچو ۽ مخلص دوست آهي، ??رڪ صدر م??هنجي چونڊ ۽ رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ تي ٽيليفون ڪال ڪئي، ??رڪ صدر جو ٻه ڀيرا ٽيليفونڪ رابطو پاڪ – ??رڪ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ان جي عزم جو اظهار آهي. ??رڪ هٿياربند فوج جي ڪمانڊر پاڪستان سان دفاعي تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر ??رڪ هٿياربند فوج جي ڪمانڊر کي نشا?? امتياز (ملٽري) ملڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو ٻنهي ڀائر م??ڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.