ايبٽ آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايبٽ آباد ۾ شهيد ڪسٽمز انسپيڪٽر سيد حسنين علي ترمذي جي رهائشگاهه تي ويو ۽ شهي?? جي والد ۽ ٻارن سان تعزيت جو اظهار ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۽ سيفران وارو وفاقي وزير انجنيئر امير ??قا??، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قومي اسيمبلي ميمبر سردار محمد يوسف، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ مرتضيٰ جاويد عباسي، ايف ب?? آر چيئرمين ملڪ امجد زبير ٽوانه پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم شهي?? جي ڌيءَ ۽ پٽ کي پيار ڪيو ۽ انهن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهي?? جي والد کي گلي لڳائي حوصلو ۽ دلاسو ڏنو ۽ شهيد پئڪيج تحت شهي?? جي بيواهه ۽ ٻارن جي لاءِ امدادي چيڪ کيس پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اها امدادي رقم توهان جي شهيد پٽ جي عظيم قرباني جو نعم البدل نٿي ٿي سگهي پر شهي?? جي بيواهه ۽ ٻارن جي لاءِ حڪومت جيڪو ڪجهه به ڪري سگهي ٿي، ڪندي، انهن جي تعليم ۽ علاج جا خرچ پڻ حڪومت برداشت ڪندي.