اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 5 وفاقي وزيرن کي مختلف وزارتن جا اضافي قلمدان ڏئي ڇڏيا جڏهن ته 3 نوان ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪري ڇڏيا آهن. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم شهباز شريف پنهنجا خصوصي اختيار استعمال ڪندي اوورسيز پاڪستانين واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين کي مذهبي معام??ن واري وزارت جو اضافي قلمدان ڏنو، نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان کي مواصلات واري وزارت جون اضافي ذميواريون ڏنيون ويون، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين کي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت، منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال کي بين الصوبائي رابطن واري وزارت جو اضافي قلمدان ڏنو ويو، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ کي پاڻي وسي??ن واري وزارت جي اضافي چارج ملي وئي. ڪابينا ڊويزن جي نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 نوان ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪري ڇڏيا آهن جن ۾ راڻا احسان افضل، رومينه خورشيد عالم ماحو??يا??ي تبديلي ۽ شبير احمد عثماني ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معام??ن واري وزارت جو ڪوآرڊينيٽر هوندو.