اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ ساڍا 7 ارب رپين جي وزيراعظم رمضان ريليف پئڪيج جي ورڇ شروع ڪئي وئي آهي جيڪا چن?? رات تائين جاري رهندي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته رمضان پئڪيج ۾ ورڇ ڪئي ويندڙ شين جي معيار جي سخت نگراني ڪئي وڃ??، رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ ٻين ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ مصنوعي اضافو ڪندڙن ۽ ذخيره اندوزن جي خلاف سخت ڪارروائي يقيني بڻائي وڃ??، رمضان ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 10 هزار 500 رپين جي ٽه ماهي قسط مستحق ماڻهن ۾ ورهائي وڃ??، بلوچستان ۾ مستحقين کي 2 هزار رپيا اضافي ڏنا وڃ??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ رمضان المبارڪ ۾ وزيراعظم رمضان ريليف پئڪيج ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سينيٽر اسحاق ڊار، احد خان چيما، شيزه فاطمه خواجه، رومينه خورشيد عالم ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي وزيراعظم رمضان ريليف پئڪيج جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ان پئڪيج تحت رمضان المبارڪ ۾ سڄي ملڪ ۾ 3 ڪروڙ 96 لک کان وڌيڪ خاندانن جي کاڌي پيتي جون شيون سستي اگهن تي فراهم ڪيون پيون وڃ??، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت اهل 88 سيڪڙو خاندانن کي اٽو، چانور، داليون، گيهه، کاڄرو تيل، کنڊ، کير سميت 19 کاڌي پيتي جون شيون بازار کان رعايت تي فراهم ڪيون پيون وڃ??. اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي تي 77 رپيا في ڪلو ۽ گيهه تي 70 رپيا في ڪلو سبسڊي ڏني پئي وڃ??، وزيراعظم جو رمضان ريليف پئڪيج سڄي ملڪ ۾ قائم 4 هزار 775 يوٽيلٽي اسٽورز جي ذريعي مستحق خاندانن ۾ ورهايو پيو وڃ??. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته رمضان المبارڪ ۾ غريب ۽ وچولي خاندانن کي کاڌي پيتي جي شين جي بازار کان گهٽ قيمت تي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، رمضان ريليف پئڪيج ۾ فراهم ڪئي ويندڙ کاڌي پيتي جي شين جي معيار تي ڪنهن به قسم جو ڪو ٺاهه قبول نه آهي، يقيني بڻايو وڃ?? ته رمضان پئڪيج حاصل ڪرڻ جي لاءِ ايندڙ مستحق ماڻهن کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي. هن چيو ته رمضان پئڪيج خاص طور تي سستي اٽي جي ورڇ جي لاءِ ڪائونٽرز ۾ اضافي ۽ موبائيل يونٽس قائم ڪيا وڃ??، رمضان ريليف پئڪيج جي حوالي سان غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن تائين ان جي مڪمل رهنمائي پهچائي وڃ?? ته جيئن انهن کي پئڪيج تحت شين کي وقت سر حاصل ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڏکيائي کي منهن نه ڏيڻو پوي، پئڪيج حاصل ڪرڻ جي لاءِ آيل ماڻهن جي شڪايتن جي فوري ازالي جي لاءِ نظام کي وڌيڪ ٺوس ۽ موثر بڻايو وڃ??، رمضان ريليف پئڪيج جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ۽ سستي برداشت نه ڪئي ويندي، حڪومت رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ مهانگائي کان پريشان غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏيندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي هلندڙ سال رمضان المبارڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي کي 7.5 ارب رپين جو رمضان ريليف پئڪيج ڏنو پيو وڃ?? جنهن ۾ اٽي، دالين، گيهه، کاڄرو تيل، کنڊ، مشروبات سميت 19 کاڌي تي جي شين کي بازار کان گهٽ قيمت تي فراهم ڪيو پيو وڃ??. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن رمضان المبارڪ ۾ وزيراعظم رمضان پئڪيج ۾ ڏني ويندڙ سبسڊي جي شرح 30 سيڪڙو آهي جيڪا ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح کان به وڌيڪ آهي. بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ 3 ڪروڙ 96 لک کان وڌيڪ خاندانن کي وزيراعظم رمضان ريليف پئڪيج فراهم ڪيو پيو وڃ?? جنهن ۾ ملڪ جي غريب ۽ گهٽ آمدني وچولي طبقي ج?? اٽڪل سمورا ماڻهو شامل آهن. وڌيڪ اهو ته وزيراعظم رمضان ريليف پئڪيج حاصل ڪرڻ جي لاءِ آيل اهڙن ماڻهن جن کي رجسٽريشن جا مسئلا درپيش هوندا، موجوده نظام تحت انهن جي موقعي تي ئي رجسٽريشن جي سهولت موجود آهي. ان کانسواءِ شڪايتن جي ازالي جي لاءِ پڻ ٺوس ۽ موثر نظام قائم يو ويو آهي جيڪو موقعي تي ئي مستحقين جون شڪايتون فوري حل ڪري رهيو آهي. وزيراعظم کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم شهباز شريف جي خصوصي ڪوششن ۽ ڌيان سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت رجسٽرڊ غريب ۽ وچولي خاندانن جي ٽه ماهي امدادي رقم ۾ وڏو اضافو ڪري 10 هزار 500 رپيا ڪيو ويو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ ۾ ئي ان رقم جي فوري ورڇ مستحق ماڻهن ۾ يقيني بڻائي وڃ??. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بلوچستان جا اهڙا مستحق خاندان جيڪي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت رجسٽرڊ آهن انهن کي 10 هزار 500 جي ٽه ماهي امدادي رقم سان گڏوگڏ اضافي 2 هزار رپيا ورهايا وڃ??. وزيراعظم هدايت ڪئي ته رمضان ريليف پئڪيج جي ورڇ جي حوالي سان ملڪ گير آگاهي مهم هلائي وڃ?? ته جيئن مستحق ماڻهن کي نه رڳو ان حوالي سان معلومات ميسر هجي پر اهو پئڪيج وڌ کان وڌ اهل مستحق ماڻهن تائين پهچي سگهي.