اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گم ٿيل بلوچ ماڻهن جي ڪيس ۾ عدالتي حڪم جي تعم??ل ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي?? ٿيو. جسٽس محسن اختر ڪياني گم ٿيل شاگردن بابت ڪيس جي ٻ??ڻي ڪئي. ان موقعي تي نگران گهرو وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز خان ۽ اٽارني جنرل آف پاڪستان منصور عثمان اعواڻ پڻ موجود هئا. ٻڌڻي دوران نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪري رهي آ??ي. ??ن چيو ته بلوچستان سان تعلق هجڻ جي ڪري مون کي صوبي ۾ ان صورتحال بابت وڌيڪ ڄاڻ آهي. اتي ماڻهن کي هٿياربند مزاحمت درپيش آ??ي. ??گران وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ غيررياستي عنصرن جون سرگرميون پڻ سامهون آيون آهن. هن چيو ته بلوچستان جي هڪ اڳوڻي چيف جسٽس جيڪو هڪ انڪوائري جي سربراهي ڪري رهيو هو، کي عسڪريت پسندن شهيد ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته بلوچستان کي ٻن ڏهاڪن کان دهشتگردي درپيش آ??ي. ??ن زور ڏنو ته ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي ضرورت آ??ي. ??ن چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي ان مسئلي جو حل ڳولڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته آئين سمورن شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائي ٿو ۽ انهن کي رياست سان غيرمشروط وفاداري جو مظاهرو ڪرڻ جو پابند پڻ ڪري ٿو. جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته عدالت ٻن سالن ۾ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جون ڪيتريون ئي ٻ??ڻيون ڪيون ۽ نشاندهي ڪئي ته گرفتارين کي رڪارڊ تي آڻڻ جي ضرورت آ??ي. ??ن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جو ڪريڊٽ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن ڏانهن وڃي ٿو. اٽارني جنرل پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ عدالت کي ٻ??ايو ويو ته وڌيڪ 11 شاگرد بازياب ٿي چڪا آهن. انهن جي خلاف ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ 9 ماڻهو ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي تحو??ل ۾ هئا ۽ ٻه ماڻهو افغانستان هليا ويا هئا. عدالت عملدارن کي هدايت ڪئي ته سي ٽي ڊي جي تحو??ل ۾ موجود ماڻهن جي خلاف ڪيسن جا تفصيل درخواستگذار کي فراهم ڪيا وڃن.