اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان نگران پرڏيهي وزير جليل ??باس جيلاني کي ٽيليفون ??ئي ۽ ايران جي قيادت ۽ عوام پاران نگران حڪومت کي پاڪستان جي 2024ع جي پارلياماني چونڊن جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني. نگران پرڏيهي وزير جليل ??باس جيلاني ايران جي ڀائر عوام پاران نيڪ خواهشن کي ساراهيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ايران جي حڪومتن سان گڏوگڏ عوام جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي گڏيل ??لچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌي?? مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هلندڙ مهيني جي شروع ۾ ايراني پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرڪاري مصروفيتون مڪمل طور تي بحال آهن.