اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ مالياتي شعبي ۾ ڊيجيٽل تبديلي جي ذريعي معاشري جي محروم طبقن خاص طور تي عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي معيشت جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هوسٽنگ بزنس نيٽ 2024ع جي ٽئين ايڊيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. بزنس نيٽ مالياتي شموليت ۽ ڊيجيٽل تبديلي جي فروغ جو هڪ پليٽ فارم آهي. تقريب ۾ ڪاروباري ۽ سفارتي برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پا??ست??ني عوام هڪ متحرڪ قوم آهي جنهن کي بي شمار قدرتي وسيلن سان نوازيو ويو آهي. هن چيو ته پا??ست??ن پا??ست??ن کي عوام جي فڪري ترقي ۽ صلاحيت ۾ اضافي تي سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي. صد?? ڪروڙين نوجوان ووٽرن پاران جمهوري نظام تي اعتماد جي اظهار کي ساراهيو. صد?? زور ڏنو ته پا??ست??ن 2 ڪروڙ 60 لک اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي تعليمي نظام ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اسان جي آبادي جي ايتري وڏي حصي کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ هزارين نوان اسڪول ۽ اضافي وسيلا گهربل هوندا. هن چيو ته جيڪڏهن ان معاملي تي ڌيان نه ڏنو ويو ته پا??ست??ن خام افرادي قوت کي بنا ڪنهن ويليو ايڊيشن جي ئي برآمد ڪندو. هن چيو ته چين تعليم ۽ صحت تي سيڙپڪاري سان پنهنجي ڪروڙين ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو. صد?? چيو ته سمنڊ پار پ????ست??نين کي انٽرنيٽ ووٽنگ (آءِ ووٽنگ) جي ذريعي ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن (اي وي ايم) جي استعمال جي لاءِ ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي سگهيو پئي. صد?? ملڪ جي لاءِ ترجيحن جو تعين ڪرڻ، سٺا فيصلا ڪرڻ ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ انساني وسيلن کي موثر انداز ۾ استعمال ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جو گهٽ تناسب پا??ست??ن جو هڪ پراڻو مسئلو آهي ۽ ان مسئلي تي ضابطو آڻي پا??ست??ن غيرملڪي قرضن تي دارومدار گهٽ ڪري سگهي ٿو. صد?? چيو ته بئنڪون عورتن کي آسان شرطن ۽ ضابطن تي ڪاروباري قرض فراهم ڪري رهيون آهن جڏ??ن ته عورتن جي لاءِ مائيڪرو ڪريڊٽ جي سهولت بابت آگاهي جي کوٽ آهي. هن بئ??ڪن تي زور ڏنو ته اهي عوام دوست مصنوعات ۽ خدمتن جي ذريعي ڏورانهن علائقن ۾ ڪيش ليس بئنڪنگ متعارف ڪرائي پنهنجي پهچ وڌائين. ٽرانسفارمنگ حب جي سي اي او افتخار حسين خطاب ڪندي چيو ته بزنيٽ هڪ اهڙو پليٽ فارم آهي جنهن تعاون ۽ جدت کي فروغ ڏئي ملڪ جي بهترين دماغن کي هڪ جڳهه تي گڏ ڪيو آهي. هن صارف دوست بئنڪنگ ڏيتي ليتي جي راهه هموار ڪرڻ جي لاءِ جديد ترين مالياتي سسٽمز اختيار ڪرڻ ۾ بئنڪنگ سيڪٽر جي اهم ڪردار تي روشني وڌي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ايئر لنڪس ڪميونيڪشن جي سي اي او مظفر پ??اچه چيو ته معيشت جي ڊيجيٽلائيزيشن مالياتي شموليت طرف پهريون قدم آهي ۽ ڊيجيٽلائيزيشن موبائيل انڊسٽري جي ترقي کانسواءِ ممڪن نه آهي. جاز جي چيف ڊيجيٽل آفيسر عامر اعجاز چيو ته پا??ست??ن ۾ غيردستاويزي معيشت جو ڪاٿو ڪافي وڏو آهي جنهن سان پوري مالياتي نظام کي نقصان ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته رسمي بئنڪنگ چينلز ۽ ادائگين جي گيٽ ويز جي ذريعي مالي شموليت اهڙن مسئلن کي موثر طريقي سان حل ڪري سگهي ٿي ۽ مقامي سطح تي ماڻهن خاص طور تي عورتن کي بااختيار بڻائي سگهي ٿي. ان کان اڳ صد?? فني ۽ ڊيجيٽل تبديلي جي ذريعي مالياتي شموليت وڌائڻ جي لاءِ ڪمپنين کي انهن جي خدمتن جي اعتراف ۾ شيلڊز پڻ ڏنيون.