اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان ممتاز ز??ره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ??ي حڪومت ۽ عوام سومر ڏينهن 5 فيبروري تي ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ان ڏينهن تي پاڪستاني ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري، ڪشميري عوام سان انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري ??ي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪن ٿا. هن چيو ته ماضي وانگر ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي کي روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جي لاءِ هڪ وسيع پروگرام جوڙيو ويو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پ??ام?? حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن ??ي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.