اسلام آباد- 24 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آه?? ته اسان جي فوج هر قسم جي خطري ۽ سازش خلاف هر وقت تيار آه??، پاڪستان پنهنجي خودمختياري تي ڪو سمجهتو نه ڪندو، دهشتگردن خلاف ته پاڪستاني فوج وڙهي سگهي ٿي پر دهشتگرديءَ خلاف سڄي قوم جو سهڪار ضروري آه??. سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا جو مقصد بي يقيني، افراتفري ۽ مايوسي ڦهلائڻ آه??، سوشل ميڊيا جي خبرن جي جاچ تمام ضروري آه??، جاچ ۽ هاڪاري سوچ کانسواءِ معاشرو افراتفريءَ جو شڪار رهندو آه??. اهڙو اظهار هن جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ پاڪستان نيشنل يوٿ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. آرمي چيف چيو ته اسان جي ملڪ جا نوجوان هن قوم ۽ ملڪ جي روشن روايتن، اقبال ۽ قائد جي خوابن جي تعبير ج?? امين آه??، پاڪستان جي مستقبل جي معمارن ۽ اقبال جي شاهينن کي مخاطب ٿي انتهائي خوشي محسوس ڪري رهيو آه??ان، پاڪستان ٺاهڻ جو مقصد اهو هو ته اسان جو مذهب، تهذيب ۽ تمدن هر لحاظ سان هندن کان مختلف آه??، نه ئي اسان اولهه تهذيب ۽ تمدن کي اختيار ڪريون، نوجوانن کي پنهنجي وطن، قوم، ثقافت ۽ تهذيب ۽ تمدن ۽ پنهنجي پاڻ تي بي پناهه اعتماد هئڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جي نوجوانن کي ان ڳالهه جو يقين هئڻ گهرجي ته هو هڪ عظيم وطن ۽ قوم جا سپوت آه??. هن چيو ته سوشل ميڊيا ۽ پروپيگنڊا جو مقصد بي يقيني افراتفري ۽ مايوسي ڦهلائڻ آه??، تحقيق ۽ هاڪاري سوچ کانسواءِ معاشرو افراتفري جو شڪار رهندو آه??. هن قرآن پاڪ جو حوالو ڏيندي چيو ته الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو ته اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن ڪو فاسق توهان وٽ ڪا خبر کڻي اچي ته ان جي تصديق ڪريو. آرمي چيف چيو ته پاڪستان جي قيام جي رياست طيبه سان هڪجهڙائپ رکي ٿي، ٻئي ڪلمي جي بنياد تي قائم ٿيون. الله تعاليٰ پاڪستان کي بي پناهه معدني وسيلن، زراعت ۽ نوجوان افرادي قوت جهڙين ن??مت?? سان نوازيو آه??، مسلمان مشڪل ۾ صبر ۽ آسانيءَ ۾ الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندو آه??. هن چيو ته پاڪستان جي روشن مستقبل تي ڪامل يقين ۽ ابن ڏاڏن جي ميراث کي قائم رکڻ آه??. شاگردن خطاب دوران پاڪستان آرمي زندهه باد، پاڪستان زندهه آباد ۽ قائداعظم زندهه باد جا نعرا لڳايا.