ڪراچي – 18 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري ن??را?? وفاق?? وزير مرتضيٰ سولن??ي سينيئر صحافي بابر اياز جي لاڏاڻي تي مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت جي لاءِ سندس گهر ويو، سنڌ جو اطلاعات وارو ن??را?? وزير محمد احمد شاهه به ساڻس گڏ هو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ن??را?? وفاق?? وزير مرحوم بابر اياز جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ بابر اياز جي صحافتي خدمتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ن??را?? وفاق?? وزير چيو ته بابر اياز هڪ مخلص، امن پسند ۽ جمهوريت پسند انسان هو. بابر اياز جي صحافتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن ??ي صبر عطا فرمائي.