ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ سندس بيلجيئم جي هم منصب اليگزينڊرڊي ??رو??ني ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ وڌندڙ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن تي گهري اطمينان جو اظهار ڪندي واپار، سيڙپڪاري، عالمي چرپر ۽ لڏپلاڻ ۽ اعليٰ تعليم ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سا?? ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورمس جي موقعي تي بيلجيئم جي وزيراعظم اليگزينڊرڊي ??رو??ني ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سا?? مڪمل ٿيڻ جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ وڌندڙ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن تي گهري اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه جي فروغ ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، عالمي چرپر ۽ لڏپلاڻ ۽ اعليٰ تعليم ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ عالمي ۽ علائقائي صورتحال تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي.