اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي وزيراعظم يوٿ اسڪلز ??ول??مينٽ پر??گر??م تحت عورتن جي ڪوٽه 33 سيڪڙو مان وڌائي 40 سيڪڙو ڪري ??ڏي. مدد علي سنڌي نيوٽيڪ طرفان پرائيم منسٽر يوٿ اسڪلز ??ول??مينٽ پر??گر??م جي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪئي. وفاقي زوير فني تربيت پاڪستان جي معيشت ۾ ڪ??نگ??ي جي هڏي ثابت ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته اهو ضروري آهي ته اسان پاڪستان جي نوجوانن جي ڀرپور صلاحيتن مان فائدو کڻون. هن پرائيم منسٽر يوٿ اسڪلز ??ول??مينٽ پر??گر??م (پي ايم واءِ ايس ڊي پي) کي ساراهيو ۽ـ چيو ته ان پر??گر??م جي اثرائتي ۽ عملي لاڳو ڪرڻ سان انتهائي مثبت نتيجا ملي سگهن ٿا. مدد علي سنڌي پرائيم منسٽر يوٿ اسڪلز ??ول??مينٽ پر??گر??م ۾ عورتن جي ڪوٽا 33 سيڪڙو مان وڌائي 40 سيڪڙو ڪري ??ڏي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان موجوده سماجي چئلينجن تي ضابطو آڻي ته عورتن کي بااختيار بنائڻ هڪ اهم سنگل ميل آهي جنهن کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن حڪم ڏنو ته سمورن معذور شاگردن جي ڪنهن به ڪوٽا کان سواءِ سيٽون ڏنيون وڃن. هن نيوٽيڪ کي ان جي سهولت لاءِ وڏن شهرن ۾ رهائش جو انتظام ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. نيوٽيڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته موجوده پرائيم منسٽر يوٿ اسڪلز ??ول??مينٽ پر??گر??م جي لاڳت تقريبن 10 ارب رپيا آهي. هن چيو ته ان پر??گر??م تحت هاڻ تائين 61 هزار نوجوانن کي تربيت ڏني وئي آهي، جن مان 96 هزار هاءِ ٽيڪ ٽريننگ حاصل ڪئي آهي ۽ 64 هزار روايتي تربيت حاصل ڪري چڪا آهن. هن وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته ان تريبت حاصل ڪندڙ افرادي سگهه ۾ روزگار جي شرح 71 سيڪڙو آهي. تعليم واري وزير کي بريفنگ ۾ ٻُڌايو ته ڪل تربيت وٺندڙ شاگردن مان 42 هزار عورتون آهن. وفاقي وزير کي صوبائي بريڪ ڊائون جي باري ۾ ٻُڌايو ته پنجاب مان 67 هزار، ڪي پي ڪي مان 20 هزار، سنڌ مان 38 هزار، بلوچستان مان 12 هزار ۽ گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد مان 22 هزار نوجوانن کي ٽرين ڪيو ويو آهي. مدد علي کي پرائيم منسٽر يوٿ اسڪلز ??ول??مينٽ پر??گر??م جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي.