اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي رياستي براڊ ڪاسٽرز ۾ سڌارن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته موجوده دور ٽيڪنالاجي جو آهي، اسان جي رياستي براڊ ڪاسٽرز ۾ صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، اسان چونڊن طرف وڃي رهيا آهيون، اطلاعات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ سياسي پارٽين جي نمائندگي موجود آهي، منهنجي گذارش آهي ته رياستي ميڊيا ۾ سڌارن جو پروگرام بحث هيٺ آندو وڃي. اها ڳالهه سينيٽر ف??زيه ارشد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چئي. اجلاس ۾ 19 آڪٽوبر 2023ع تي ڪميٽي جي منعقد اجلاس ۾ 53 ڊيلي ويجز ملازمن جي ڀرتين جي حوالي سان ڏنل سفارشن، پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان ۾ 9 آگسٽ 2023ع کان هيستائين ڪيل ڀرتين، ڊي جي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن کان ريڊيو پاڪستان ۾ نئين سڌارن ۽ بهتري جي حوالي سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ت?? عملدرآمد کانسواءِ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ايسوسيئيشن جي ڪردار، ڪارڪردگي ۽ فنڪشنز جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چي?? ته نگران حڪومت ڪا مستقل مقرري نه ٿي ڪري سگهي، نگران حڪومت اهو به نه ٿي ڪري سگهي ته ڪو ادارو بند ٿي وڃي. هن چي?? ته اسٽاف جي کوٽ ختم ڪرڻ ??ا ضروري پروگرام هلائڻ جي لاءِ وقت وقت ڪجهه ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪرڻيون پون ٿيون، ڏهاڙي اجرت تي ڀرتي جي لاءِ اشتهار جو پراسيس ڊگهو هوندو، اهڙي طرح ادارا ڪم نه ڪري سگهندا. هن چي?? ته جيڪڏهن ڪميٽي تجويز ڪري ٿي ته ڊيلي ويجز جي لاءِ اشتهار جي شرط لازمي آهي ته ڪميٽي جي راءِ ۽ فيصلي تي عمل ڪنداسين. اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏهاڙي اجرت تي ڀرتي جي لاءِ اشتهار ڏيڻ يا ڪنهن قسم جي ڀرتي ڪرڻ ??ا نه ڪرڻ بابت واضح هدايت ڏي، اسان عمل ڪنداسين. اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏهاڙي اجرت تي ملازمن جي ڀرتي جي حوالي سان وزارت جي جنهن اداري ۾ جاچ ڪرائڻ چاهي ٿي، ان بابت واضح هدايت جاري ڪري. مرتضيٰ سولنگي چي?? ته ڪميٽي جي ميمبرن جو ٿورائتو آهيان جن مون تي اعتماد جو اظهار ڪيو، مون کي ڪميٽي جي رهنمائي جي ضرورت آهي. هن چي?? ته اڄ اسان کي ڪنهن واضح هدايت سان هتان اٿڻ گهرجي. هن چي?? ته پي ٽي وي سميت سمورن رياستي براڊ ڪاسٽرز ۾ سڌارن جي ضرورت آهي. هن چي?? ته اسان چونڊ طرف وڃي رهيا آهيون، اطلاعات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ سمورين سياسي پارٽين جي نمائندگي موجود آهي، منهنجي سڀني کي گذارش آهي ته ت??هان رياستي ميڊيا جي سڌارن جو پروگرام بحث هيٺ آڻيو. هن چي?? ته هن وقت ريڊيو پاڪستان جي مجموعي بجيٽ جو 76 سيڪڙو حصو پگهارن ۽ پينشنز ۾ ادا ٿي رهيو آهي، ڪيترن ئي ملازمن جون ڪميوٽيشن، جي پي فنڊ جون ادائيگيون رڪيل آهن. هن چي?? ته هن وقت پاڪستان جي سرڪاري ميڊيا ۾ سڀ کان پراڻو ادارو ريڊيو پاڪستان آهي جيڪو پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ جو آهي. هن چي?? ته ريڊيو پاڪستان ۾ پينشنرز جو انگ موجوده ملازمن کان وڌيڪ آهي، 4182 پينشنرز ۽ 1996 ملازم آهن، انهن ادارن ۾ سڌارن جي ضرورت آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اطلاعات واري وزارت جي سمورن کاتن خاص طور تي پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان ۾ 9 آگسٽ 2023ع کان وٺي هيستائين ڪئي ويندڙ نئين ڀرتين جو معاملو پڻ غور هيٺ آيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ان حوالي سان اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد چي?? ته اطلاعات واري وزارت تحت براڊ ڪاسٽنگ ادارن ۾ اليڪشن سيل ٺاهيا ويا آهن، ان لاءِ ڪجهه ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ڪميٽي کي ٻڌاي?? ته جن ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن، اهي براڊ ڪاسٽنگ جو وسيع تجربو رکن ٿا. هن چي?? ته نگران دور ۾ ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو ويو آهي ته ڪنهن پروگرام ۾ اينڪر جو ڪنهن خاص پارٽي طرف جهڪاءُ نه هجي. هن چي?? ته پروگرام جي اسٽرڪچر ۾ پڻ انهن شين جو خاص خيال رکيو وڃي ٿو. ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل ڪميٽي کي ٻڌاي?? ته اسٽينڊنگ ڪميٽي جي هدايت تي ڊپٽي ڪنٽرولر جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي هئي ۽ ان جي رپورٽ اسٽينڊنگ ڪميٽي کي فراهم ڪئي وئي آهي. اسٽاف جي ضرورت هئي ضرورت جي بنياد تي 53 ماڻهن کي عارضي طور تي رکيو ويو هو. ڊي جي ريڊيو ٻڌاي?? ته رٽائرڊ ملازمن جي جڳهه ت?? نيون ڀرتي نه ڪيون ويون، اسٽاف جي تمام گهڻي کوٽ آهي، سوشل ميڊيا جي لاءِ ضرورت تحت ڀرتي ڪئي وئي. اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي ڪميٽي کي اداري جي حوالي سان بريفنگ ڏني جنهن تي ڪميٽي پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو. اي ڊي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ايسوسيئيشن ڪميٽي کي پي بي اي جي ڪارڪردگي ۽ فنڪشنز بابت تفصيلي آگاهه ڪيو. پيمرا ۾ شڪايتن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ڪائونسل آف ڪمپلينٽس بابت اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چي?? ته ڪائونسل آف ڪمپلينٽس جي حوالي سان سمورو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ڪابينا کان منظوري وٺڻ باقي آهي. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سينيٽر مولا بخش چانڊيو، سينيٽر عرفان صديقي، سينيٽر محمد طاهر بزنجو، سينيٽر نسيمه احسان کانسواءِ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پيمرا چيئرمين، ڊي جي ريڊيو، ايم ڊي پي ٽي وي، ايم ڊي اي پي پي، اي ڊي پي بي اي ?? ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.