اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي بحالي جي خدمتن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان جو دائرو مختلف خصوصي ماڻهن ??ائين وڌائڻ جي ضرورت آهي. هو پاڪستان ۾ بحالي جي خدمتن جي فروغ لاءِ اسٽريٽجڪ ايڪشن پلان جي تياري جي حوالي سان پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. پنج سالا جامع ايڪشن پلان نيشنل هيلٿ سروسز ريگيويشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت، صحت جي صوبائي کاتن، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ۽ ري ليب ايڇ ايس جي حصيداري سان وفاقي ۽ صوبائي حڪومت بشمول آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان جي سطح تي تيار ڪري رهي آهي. بيگم علوي چيو ته بحالي جون خدمتون صحت جي شعبي ۾ ??هم ڪردار ادا ڪن ٿيون ۽ انهن ماڻهن ??ي مدد ڪن ٿيون، جيڪي بيماري، حادثي يا معذوري جو شڪار ٿي معمول جي زندگي ۾ واپس اچن ٿا. هن چيو ته جيتوڻيڪ بحالي جي خدمتن جو دائرو رڳو خصوصي ماڻهن ??ائين ئي محدود نه هو، جڏهن ??ه انهن کي دائري ۾ آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته انهن ??دمتن ۾ معاون ٽيڪنالاجي جي فراهمي، تقرير، پيشيواراڻي ٿراپي ۽ پيشيواراڻي بحالي تي ڌيان ڏيڻ شامل آهي. هن چيو ته معذور ماڻهو ملڪ جي آبادي جو 10 کان 12 سيڪڙو آهن ۽ جيڪڏهن ??نهن کي معاون ٽيڪنالاجي، بحالي جي خدمتن ۽ چرپر تا??ين پهچ ڏني وڃي ته اهي معاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن مختلف خصوصي ماڻهن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ انهن کي برابر حق ۽ خدمتون فر??هم ڪري انهن ??ي محرومين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ معاشري ۾ شعور بيدار ڪرڻ تي زور ڏنو. بيگم ثمينه علوي معذوري کي عوامي صحت جو عالمي مسئلو قرار ڏيندي چيو ته اهڙن ماڻهن کي هنرمند تعليم ۽ ملازمت جي موقعن جي ذريعي ايڊجسٽ ڪرڻ جي لاءِ معاشري پاران مثبت انداز فڪر جي ضرورت آهي. هن مختلف معذور ماڻهن ۽ انهن ??ي والدين کي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي نوڪرين جي خصوصي ڪوٽا بابت آگاهه ڪرڻ جي لاءِ هڪ قومي مهم هلائڻ جو مطالبو ڪيو. هن پرائيويٽ سيڪٽر تي پڻ زور ڏنو ته اهي اهڙن ماڻهن کي نوڪريون فر??هم ڪن ته جيئن اهي معاشري جا ڪارائتا شهري بڻجي سگهن. ڊبليو ايڇ او جي مشن جي سربراهه ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ معذور ماڻهن ??ي حقن بابت قومي بيداري مهم جي سربراهي ڪرڻ تي خاتون اول کي ساراهيو. هن ??حالي جي خدمتن تا??ين ماڻهن ??ي پهچ کي بهتر بڻائڻ ۽ ماڻهن ??ي ڀلائي لاءِ انهن کي صحت جي سارسنڀال جي ??ظا?? ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته وڌيڪ ڏکيائين کان بچڻ ۽ علاج کانپوءِ جلد صحتياب ٿيڻ جي لاءِ هر ماڻهو کي بحالي جي خدمتن جي ضرورت هوندي آهي. ڊبليو ايڇ او جي ٽيڪنيڪل ايدوائيزر پالين ڪلينٽز حاضرين کي آگاهه ڪيو ته بحالي سان ڪم کي بهتر بڻايو وڃي ٿو ۽ ماڻهن کي روزاني جون سرگرميون سرانجام ڏيڻ ۾ مدد ملي ٿي، ان کانسواءِ زندگي جي معيار کي پڻ بهتر بڻايو وڃي ٿو. هن چيو ته اندازن موجب 2.4 بلين ماڻهو آهن ??يڪي بحالي مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته ڊبليو ايڇ او بحالي جي خدمتن جي دستيابي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ضروري مشورا ۽ مدد فر??هم ڪري رهي آهي ته جيئن پوري دنيا ۾ خاص طور تي پاڪستان جهڙن ملڪن جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي. ان موقعي تي ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر بصير اچڪزئي، ري ليب ايڇ ايس جي گلوبل ڪوآرڊينيٽر ۽ ڊاڪٽر ضياءَ داوڙ پڻ خطاب ڪيو. ڊبليو ايڇ او جي نمائندن ۽ خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صحت جي ماهرن مشاورتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.