بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ ۽ چين جي وزي??اع??م لي ڪي چيانگ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي سياسي، اقتصادي، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو ??تفاق راءِ بيجنگ ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ ٿيو. ان موقعي تي نگران وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار موجود هئا. ٻنهي اڳواڻن مضبوط ۽ پراڻي پاڪ چين لاڳاپن جو ذڪر ڪندي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سياسي، اقتصادي، تعليم جي شعبي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ثقافتي ۽ عوام جي سطح تي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. نگران وزي??اع??م چيني قيادت کي ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) جي شاندار انعق??د تي مبارڪباد ڏني. بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جي صلاحيت جو ذڪر ڪندي نگران وزي??اع??م چيو ته اهو منصوبو مواصلاتي رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي ڪري پوري دنيا جي لاءِ اهميت رکي ٿو. ٻنهي اڳواڻن چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڏس ۾ پاڪ چين تعاون ۽ معاشي رابطن جي فروغ جي صلاحيت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي پاڪستان جي معيشت جي لاءِ اهميت جو ذڪر ڪندي چيو ته سي پيڪ پنهنجي تعمير جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي جنهن ۾ صنعتي ترقي، روزگار جي فراهمي جا منصوبا، معدنيات، آءِ ٽي ۽ ز??اع?? جي ترقي شامل آهي. نگران وزي??اع??م چيو ته پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني ڪمپنين جي سيڙپڪاري سان پاڪستان جي روانگي واپار ۾ اضافو ۽ صنعتي صلاحيت وڌندي. وزي??اع??م لي ڪي چيانگ پاڪ چين لاڳاپن جي فروغ ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي تعميراتي ۽ ترقي جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ??ن اميد جو پڻ اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جي هم آهنگي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندي. ٻئي وزي??اع??م چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيا. انهن ??عبن ۾ ڪامرس، مواصلات (ايم ايل ون)، غذائي تحفظ ?? تحقيق، ميڊيا مٽاسٽا، خلائي تعاون، پائيدار شهري ترقي، صنعتي تعاون، افرادي قوت جي صلاحيت ۾ اضافي، معدنيات جي ترقي، موسمياتي تبديلي ۽ ويڪسين ٺاهڻ جا شعبا شامل آهن.