اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سڀاڻي اربع ڏينهن سعودي عرب جي شهر جده ۾ اسلامي تع??ون تنظيم جي هنگامي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اسلامي تع??ون تنظيم (او آءِ سي) جي 18 آڪٽوبر تي جده سعودي عرب ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي هنگامي وزارتي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. اهو اجلاس اسلامي تع??ون تنظيم غزه جي بحران ۽ اتان جي بند ۾ پيل شهرين جي انساني صورتحال جو جائزو ??ٺڻ جي لاءِ طلب ڪيو آهي. جليل عباس جيلا??ي وزارتي اجلاس ۾ غزه جي سنگين انساني صورتحال تي پاڪستان جا شديد خدشا پيش ڪندو. نگران پرڏيهي وزير اجلاس ۾ جنگبندي، ??هيراءُ ختم ڪرڻ ۽ غزه جي عوام کي امداد جي فراهمي جي فوري ضرورت تي زور ڏيندو. ان موقعي تي نگران پرڏيهي وزير او آءِ سي جي ٻين ميمبر ملڪن جي پنهنجي هم منصبن سان پڻ ملاقات ڪندو.