لاهور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ريڊيو پاڪستان لاهور آفيس جو دو??و ڪيو. اسٽيشن ڊائريڪٽر جاويد اختر ۽ ناليواري اداڪار خالد عباس ڊار وفاقي وزير جو استقبال ڪيو ۽ گلدستو پيش ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ريڊيو جي عمارت ۾ قديم ترين ورثي جون شيون ??ٺيون ۽ انهن جو جائزو ورتو جڏهن ته پراڻو پيانو وڄائي سڀني کي حيران ڪري ??ڏيو. وفاقي وزير ريڊيو آفيس جي مختلف حصن بشمول ميوزڪ لائبريري، پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيو، نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز چينل جو دو??و ڪيو ۽ نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز لاهور ان سائيٽ پروگرام ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار پڻ ڪيو. هن ريڊيو اسٽاف جا مسئلا پڻ ٻڌا ۽ پراڻي مسئلن تي ٺوس بريفنگ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ انهن شڪايتن کي ختم ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي. ريڊيو اسٽيشن جي ڊائريڪٽر جاويد اختر وفاقي وزير کي ريڊيو پاڪستان جي ڪم بابت بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته ريڊيو پاڪستان لاهور جي لابي ۾ تا??يخ?? گلوڪارن ۽ فنڪارن جون تصويرون پڻ لڳل آهن.