نانجنگ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان روس جي اطلاعات واري نائب وزير بيلا چر??ڪس??وا ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روس جي م??ڊي?? جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي روس سان گڏيل پروڊڪشن ۽ تربيتي پروگرامز شروع ڪرڻ تي زور ڏنو. مرتضيٰ سولنگي روس جي اطلاعات واري نائب وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي. ان موقعي تي روس جي اطلاعات واري نائب وزير چيو ته روس پاڪستان سان م??ڊي?? کانسواءِ به زندگي جي ٻين شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي. هن چيو ته روس ?? پاڪستاني ڊرامن کي خاص مقبوليت حاصل آهي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊرامن ۽ ٻي پروڊڪشن جي مٽاسٽا تي پڻ غور ڪيو ويو. نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي خطي جي امن جي لاءِ روس جي خدمتن کي ساراهيو.