اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ??ئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جار?? بيان موجب وفد ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر فاروق ستار، آءِ ٽي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق ۽ سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري شامل هئا. وفد ستين ڊي??يٽل آدمشماري ۾ انهن جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ آدمشماري بابت انهن جي تجويزن جي شموليت تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ان م??قع?? تي وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان ستين ڊي??يٽل آدمشماري خيريت سان مڪمل ٿي وئي ۽ نتيجن جي منظوري سمورين سياسي پارٽين جي اتفاق راءِ سان ٿي. ملاق??ت ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وفد وزيراعظم کي سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي حوالي سان آگاهه ڪيو. ملاق??ت ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق پاور وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير به موجود هئا.