اسلام آباد_22 جولاءِ(اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪستان کي قدرت لازوال تحفن سان نوازيو آهي، برف سان ڍڪيل جبل، خوبصورت سامونڊي ڪنارا انهن تحفن ۾ شامل آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن بلوچستان صوبي جي سپيت سامونڊي ڪناري جي هڪ تصوير ??يئر ڪندي چيو ته قدرتي نظ??رن سان هم آهنگ اهي ماڳ اهم حيثيت رکن ٿا، قدرت جي انهن لاتعداد تحفن مان هڪ تحفو بلوچستان جو اهو منفرد سامونڊي ڪنارو آهي، جيڪو هڪ ??قي??ي معجزو آهي.