اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي عورت جبل چاڙهو نائله ڪياني کي جبل چاڙهو جي ميدان ۾ نئين تاريخ قائم ڪرڻ تي مبارڪبا?? ڏني آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته قوم کي نائله ڪياني تي فخر آهي جنهن پاڪستان ۾ مو??ود سمورن 5 ايٽ ٿائوزنڊرز (8 هزار ميٽر کان بلند چوٽيون) سر ڪري ??رتيون آهن، هوءَ اهو ڪارنامو سرانجام ڏيندڙ پهرين پاڪستاني عورت آهي. صدر نائله ڪياني کي سندس ڪاميابي تي شاباس ڏني ۽ ان جي مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.