اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي برادري کي نف??ت، امتيازي سلوڪ، عدم برداشت جي روين جي خلاف مت??د ٿيڻ ۽ گڏيل احترام، افهام تفهيم ۽ رواداري کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو آهي. قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعي سميت مذهبي نف??ت پکيڙيندڙ واقعن تي انساني حقن واري ڪائونسل پاران منعقد هڪ هنگامي اجلاس کي ورچوئل خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته بدقسمتي سان قرآن پاڪ جي ڄاڻي واڻي بي حرمتي جا واقعا جاري آهن. هن چيو ته اهي ڪارروايون وڌ کان وڌ نف??ت پکيڙڻ جي لاءِ انجام ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته اسان کي نف??ت، امتيازي سلوڪ ۽ تشدد کي ڀڙڪائن جي ڪوششن تي نظر رکڻ گهرجي. اسان کي گڏجي ان جي مذمت ڪرڻ گهرجي، اسان کي نف??ت پکيڙيندڙن کي جدا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٽي مهينا اڳ اسلامو فو??يا کي منهن ڏيڻ جو پهريون عالمي ڏينهن ملهايو ويو جڏهن ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ان موقعي تي پهريون اجلاس منعقد ڪيو ويو هو. هن چيو ته قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي عوامي ۽ سوچيل سمجهيل عمل سان مسلمانن کي پهچندڙ گهري ڏک کي سمجهڻ ضروري آهي. بلاول ڀٽو زرداري قران پاڪ جي بي حرمتي کي مسلمانن جي عقيدي تي حملو قرار ڏيندي يچو ته روڪٿام ۽ احتساب جي لاءِ هن ڪائونسل آڏو پيش ڪ??ل مسودي جي متن ۾ مطالبو معقول ۽ ضروري هو. هن چيو ته نف??ت انگيز تقرير ۽ آزاداڻي تقرير کي جدا جدا ڪرڻ گهرجي ڇو ته اظهار جي آزادي ايتري ئي لازمي آهي جيتري نف??ت انگيز تقرير ناقابل دفاع آهي. هن چيو ته دنيا ۾ هڪ به مسلمان ملڪ اهڙو نه آهي جيڪو ٻين مذهبن جي مقدسات جي بي حرمتي جي اجازت ڏيندو هجي، هن وڌيڪ چيو ته اهڙي ??رح جو عمل ڪنهن به مسلمان جي لاءِ ناقابل تصور آهي.