ڪراچي – 14 جون(اي پي پي) سامونڊي طوفان بائپر جواءِ کي نظر ۾ رکندي سامونڊي فوج ڪريڪس جي علائقن ۾ ريسڪي?? ۽ ??ليف آپريشنن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺي رهي آهي. هاڻي تائين پاڪ نيوي جون ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون ضلعي حڪومت جي سهڪار سان چوهڙ جمالي سان لاڳاپيل ڏورانهن ڳ??ٺن مان هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري چڪيون آهن. ان کا?? علاوه ٻين لاڳاپيل ڪريڪ جي علائقن مان ٻارن سوڌو 40 مق??مي مهاڻن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل پريس رليز موجب ريسڪيو ڪيل مهاڻن کي پاڪ نيوي پاران مق??ر خاص م??ڊي??ل ٽيمن بروقت طبي امداد به فراهم ڪئي. پاڪ نيوي جي ايس ايس جي ڊائيونگ ٽيمن ڪيٽي بندر ،ترڪي بندر ۽ ٻين هنڌن کان امدادي ڪيمپن تائين 9000 ماڻهن کي محفوظ طريقي سان ٻاهر ڪڍڻ ۾ مق??مي انتظاميه جي مدد ڪئي. ڪريڪس برگيڊ جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن متاثر ماڻهن کي بروقت امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ڏورانهن سامونڊي پٽي وار?? علائقن ۾ گشت ڪيو.