اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ا??ران ۽ آذربائيجان جي صدرن کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيرا??ظم شهباز شريف ا??ران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون. وزيرا??ظم ايران جي قيادت ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ايران جي صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام کي عيد جي جوابي مبارڪ ڏني ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڀائر پاڙيسري ملڪن وچ ۾ به طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سرحد تي مارڪيٽون قائم ڪرڻ تي ٻه طرفي معاشي ۽ واپاري سهڪار کي هٿي ڏيڻ ڏانهن هڪ قدم قرار ڏنو. ايران جي صدر ٽيليفون ڪرڻ ۽ عيد جون مبارڪون ڏيڻ تي وزيرا??ظم شهباز شريف جو ٿورو مڃيو. وزيرا??ظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف کي پڻ ٽيليفون ڪيو ۽ عيد جون مبارڪون ڏنيون. وزيرا??ظم آذربائيجان جي عوام ۽ ح??ومت لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. صدر الهام عليوف پڻ خيرسگالي جي جوابي جذبن جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم پنهنجي آذربائيجان جي دوري جو حوالو ڏيندي ٻه طرفي سهڪار جي عمل کي تيز بڻائڻ جو عزم ظاهر ڪيو. وزيرا??ظم آّذربائيجان سان ايل اين جي فراهمي جو عمل تيز ڪرڻ جي اميد جو پڻ اظهار ڪيو. صدر الهام عليوف ٽيليفون ڪرڻ ۽ عيد جون مبارڪون ڏيڻ تي وزيرا??ظم شهبازشريف جو ٿورو مڃيو.