اسلام آباد -22 مئي (اي پي پي) چين ۽ پاڪستان وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 72هين سالگره جي موقعي تي هتي چيني سفارتخاني ۾ پاڪستاني سفارتڪارن سان گڏ ”چين پاڪستان بي مثال دوستي ۽ روشن مستقبل“ جي ??نوان سان هڪ آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي.
تقريب جو خاص مهمان چيني سفارتخاني جو ناظم الامور پينگ چنڪسو، پاڪستان جو پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد ??جيد خان، فارن سروس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل مظهر جاويد آجياڻ?? کي خطاب ڪيو. آجياڻي واري تقريب ۾ چين ۾ پرڏيهي وزارت جي ??ملدارن چين ۾ اڳوڻن پاڪستاني سفيرن ۽ چيني سفارتڪارن کان علاوه نوجوان پاڪستاني سفارتڪارن به شرڪت ڪئي. پينگ چنڪسو چيني سفارتخاني ۾ دوستن جي ??جيان ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا گهرن تاريخي پاڙن، ٺوس عوامي حمايت ۽ اهم عملي ضرورتن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته هن سال صدر شي جن پنگ جي ??جويز ڪيل بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جي 10هين سالگره ۽ چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي ??روعات جي 10هين سالگره آهي. هن چيو ته ٻنهي طرفن پاران گڏيل ڪوششن سان سي پيڪ صنعت، زراعت، آءِ ٽي، قدرتي آفتن کان بچاءَ ۽ غربت جي ??اتمي وغيره جي ??عبن ۾ لاڀائتا نتيجا حاصل ڪيا آهن، جنهن پاڪستان جي ??قتصادي ۽ سماجي ??رق?? کي هٿي ڏيڻ، پاڪستان جي ??نفراسٽرڪچر کي اپگريڊ ڪرڻ ۽ بهتري بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستاني عوام جي فلاح ۽ بهبود، عوام وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ ۽ علائقائي رابطن کي هٿي ڏيڻ سبب سي پيڪ، چين پاڪستان سهڪار جو ناليواري سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته صدر شي جن پنگ جي مضبوط قيادت ۾ چين پنهنجي ??ديد ڪاري جي ??مل کي ثابت قدمي سان اڳتي وڌائي رهيو آهي. چين پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن کي چيني جديديت ۾ نئين ڪاميابين سان گڏوگڏ نوان موقعا فراهم ڪندو. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن طور چين ۽ پاڪستان ٻئي مسلسل ترقي جون راهون تلاش ڪري رهيا آهن، جيڪي انهن جي قومي حالتن مطابق آهن ۽ ٻنهي ملڪن عالمي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ سرگرم عمل آهن. چيني سفارتخاني جي ناظم الامور چنڪسو چيو ته 5 مئي کان 6 مئي تائين چين جي ??ياستي ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير ڪن گينگ پاڪستان جو ڪامياب دورو ڪيو، جيڪو پاڪستان چين لاڳاپن ۽ چين پاڪستان هڪ موسمي تعاون جي ??راڪتدار?? کي مضبوط ۽ وسعت ڏيڻ ۾ تمام گهڻي اهميت وارو آهي. هن ٻنهي ملڪن جي ??فارتڪارن جي محنت، ڪوششن ۽ شراڪتدا??ي لاءِ کنيل قدمن کي به ساراهيو. هن زور ڀريو ته چين ٻنهي ملڪن جي ??ڳواڻن وچ ۾ طئي ٿيل اتفاق راءِ تي عملدرآمد لاءِ پاڪستان سان هٿ ملائيندو ۽چين پاڪستان دوستي جي ??ظيم مقصد کي اڳڀرائي سان مسلسل هٿي ڏيندو.
تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد ??جيد خان چين ۽ پاڪستان جي ??ي مثال دوستي ۽ تعاون جي ڪاميابين ۾ ٻنهي ملڪن جي ??ڳوڻن سفارتڪارن جي ??عاون کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جي ڪمپائونڊ جي ??بديلي خود ٻنهي ملڪن جي ??وست?? کي هٿي ڏيڻ جي ??اهد آهي. چين پنهنجي ??فارتخاني جي ڪمپائونڊ پاڪستان حڪومت حوالي ڪئي جيڪو فارن سروس اڪيڊمي بڻجي ويو ۽ نئون ڪمپائونڊ پرڏيهه ۾ سمورن چيني سفارتخانن ۾ سڀ کان وڏو ڪمپائونڊ بڻجي ويو. هن ان ڳالهه کي ساراهيو ته چيني دوست هميشھ پاڪستان جي ??ودمختياري ۽ آزادي، مالي استحڪام ۽ انفراسٽرڪچر جي ??عمير ۾ فراخدلاڻي مدد ۽ حمايت ڪن ٿا. هن چيو ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري سان پاڪستان جي معيشت ۽ معاشري ۾ خوشحالي ۽ ترقي ٿي آهي، جنهن جي لاءِ پاڪستان دل سان شڪرگذار آهي. بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جي 10 هين سالگره ۽ سي پيڪ جي ??روعات جي موقعي تي چين ۽ پاڪستان کي گڏيل طور ان يادگار لمح?? کي ملهائڻ گهرجي. هن چيو ته هاڻي چين پاڪستان دوستي جو جهنڊو سفارتڪارن جي نئين نسل جي ??والي ڪيو ويو آهي. اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جا سفارتڪار گڏيل مستقبل سان هڪ ويجهي چين پاڪستان ڪميونٽي جي ??عمير لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. ان موقعي تي پاڪستاني نوجوان سفارتڪارن چيو ته تقريب ۾ استقبال تمام گرمجوشي واري ۽ متاثر ڪندڙ هئي، جنهن سان چين ۽ پاڪستان جي ??اري ۾ انهن جي ??لم ۽ سمجهه ۾ واڌارو ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي نوجوان سفارتڪارن جي ??وستي وڌيڪ مضبوط ٿيندي.